بلاول ۽ آصف جي سوچ لنڊن جي ۽ ڳالهه لُنڊي جي آهي: ن ليگ

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ ن ليگ اڳواڻن مريم ارونگزيب ۽ طلال چوڌريءَ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي جنهن دوران مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران خان وٽ چوڻ جي لاءِ ڪجھه به نه آهي، اها ڳالهه ثابت ٿي رهي آهي ته وزيراعظم جو پاناما ليڪس سان ڪو تعلق ناهي، عمران خان وٽ رڳو ڪوڙ آهي، هو چاهي ٿو ته ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم کي ڪنهن صورت ۾ هٽايو وڃي، نواز شريف کي قوم ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊيو آهي، نواز شريف پاڪستان جي ترقيءَ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، نواز شريف جو ڊيوس جو دورو تمام ڪامياب ويو آهي، ان موقعي تي ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌريءَ جو چوڻ هو ته هي ڪيس الزامن سان شروع ڪيو ويو، کين جڏهن ثبوت نه مليا ته هنن ڪيس ٺاهيو ته تقريرن ۾ فرق آهي، جڏهن اهو به ثابت نه ٿيو ته تحفن تي ڳالهائڻ لڳا، اها ڳالهه اهي ڪري رهيا آهن جن جا مالي ۽ بورچي کين تحفا ڏيندا آهن،  طلال چوڌريءَ وڌيڪ چيو ته اسان اهو ثابت ڪنداسين ته تحفا ڏيندڙن جا پئسا حلال هئا، اها قيامت جي نشاني آهي ته پيپلز پارٽي ڪرپشن خلاف ريلي پئي ڪڍي، بلاول ۽ آصف زرداريءَ جي سوچ لنڊن جي ۽ ڳالهه لُنڊي جي آهي، اسان پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان ساڻن منهن ڏينداسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *