بلاول کي ڪنهن کان حب الوطني جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي: نفيسا شاهه

اسلام آباد(آن لائن)پ پ جي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر نفيسا شاهه چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪنهن کان حب الوطني جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، بلاول تي غداري جون تهمتون لڳائيندڙن ان کان اڳ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو تي به اهڙا ئي الزام هنيا هئا، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري تي تهمت لڳائيندڙ پاڻ کي آئيني آڏو بيهي پنهنجي ضمير کان پڇن ته انهن پاڻ ملڪ لاءِ ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، هن چيو ته شدت پسندن ۽ دهشتگردن خلاف ڳالهه ڪرڻ جي ڪري طالبان جي وڇڙيل ڀاءُ عمران خان ۽ هن جي سياسي قبيلي کي باهه لڳي ويندي آهي، هن چيو ته غدار ته اهي پاڻ آهن جيڪي انهن جا حامي آهن، جن پاڪستان جو قومي جهنڊو لاهي رياست جي رٽ کي چئلينج ڪيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *