بلاول ڌرتي جو پٽ آھي، هو 5 هزار سالن کان سنڌي آھي ۽ بينظير جو پٽ آھي:سردار شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز طرفان هڪ ٻئي تي تنقيد جو سلسلو رڪجي نه سگهيو. پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ چيو آهي ته زراعت کاتي ماڪڙ مار اسپري مشينز گهرائڻ بدران ويگو گاڏيون خريد ڪيون، ڇا هاڻي بندوق کڻي ماڪڙ جو شڪار ڪيو ويندو. صوبائي وزير سردار شاهه گڏهه جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن کي ڪو سَينس نه آهي، ڪم ڪرڻ بدران رڳو تصويرون گڏ ڪري پيپلز پارٽي مٿان تنقيد ڪري رهيا آهن. تنقيد جو سلسلو جاري رکندي حليم عادل شيخ چيو آهي ته هر سال بجيٽ وڌندي پئي وڃي پر سنڌ ۾ ڪم زيرو آھي. هن چيو آهي ته اسڪولن لاءِ ملين ۽ بلين رپيا رکيا ٿا وڃن پر اسڪول تعمير ٿيڻ بعد اتي مينهون ۽ گڏهه ٻڌل آهن، مون سان ڀلي دشمني ڪيو پر منهنجي تڪ جي ماڻهن کي ته سزا نه ڏيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان لاڙڪاڻي ويو ته اتي پتلو ساڙيو ويو، ڇا اسان به بلاول هائوس ٻاهران پتلا ساڙيون ؟ پر اسان جي اهڙي تربيت ناهي. هن چيو آهي ته اسان کي چيو ويو وزيراعظم لاڙڪاڻي ٺيڪيدار وٽ ويو هو، ڇا توهان وٽ ٺيڪيدار گهٽ آھن، بحريا ۽ اومني ۾ ڪير آھن. حليم عادل شيخ چيو آهي ته شناختي ڪارڊ ۾ ڀٽو لکرائڻ سان ڪير به ڀٽو نٿو ٿي سگهي، ڀٽو اهو ٿيندو آهي جنهن جو پيءُ ۽ ڏاڏو ڀٽو هجي. سردار شاهه حليم عادل شيخ کي جواب ڏيندي چيو آهي ته شجره ڪڍندئو ته ڳالھ پري تائين ويندي، بلاول ڌرتي جو پٽ آھي، هو 5 هزار سالن کان سنڌي آھي ۽ بينظير جو پٽ آھي. هن چيو آهي ته ڪراچي جي ڳالهه ڪندڙن جو مقصد اهو آھي ته ڪراچي الڳ ٿئي ۽ ٻيو مقصد اهو آھي ته ڪراچي ۾ سندن ووٽ بينڪ محفوظ رهي، قائد قلت جي دور ۾ شعور، فضيلت، کنڊ ۽ اٽي سميت کائڻ پيئڻ جي شين جي کوٽ آهي. سردار شاهه وڌيڪ چيو آهي ته گڏھ غير پارليماني لفظ ناهي، گڏھ معصوم جانور آھي جيڪو پنهنجپ عقل استعمال نٿو ڪري سگهي، گڏھ کي فردوسي، ملان نصيرالدين پنهنجي شاعري ۽ ٽوٽڪن ۾ استعمال ڪيو آھي. هن چيو آهي ته نيشنل ايڪنامڪ جي سروي رپورٽ جاري ٿي آھي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته خچر، گهوڙن ۽ اٺ کان وڌيڪ پاڪستان ۾ گڏھن ۾ اضافو ٿيو آھي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *