اسلام آباد (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو گومل يونيورسٽي جي شاگردن جي احتجاج ۽ موقف جي حمايت ڪندي چيو آهي ته شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران انهن تي تشدد ۽ انتقامي ڪاررواين سميت يونيورسٽي کي بند ڪرڻ بنا جواز آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت جو حازمو ايترو خراب آهي جو حق ۽ سچ جي ننڍڙي ڳاله ٻڌڻ به برداشت نه پئي ڪري، هن چيو ته حقن لاءِ اٿندڙ هر آواز کي ڏاڍ سان دٻائڻ ڪٺ پتلين جي عادت بڻجي چڪي آهي، بلاول ڀٽو چيو ته حڪمرانن گذريل چونڊن کان اڳ ڪيل واعدا ائين وساري ڇڏيا آهن جيئن گڏهه جي مٿ ۾ سڱ، بلاول ڀٽو چيو ته شاگردن جا مسئلا حل نه ڪرڻ ۽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ سان ڇا ملڪ ترقي ڪندو، هن چيو ته شاگردن جا جائز مطالبا بنا دير تسليم ۽ يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل بنا دير بحال ڪيو وڃي.