بلاول ڀٽو ڪشمور ۾ هندو برادري سان گڏ ڏياري ملهائي

ڪشمور(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشمور ۾ هندو برادري سان گڏ ڏياري ملهائي. ڪشمور جي ٻن ڏينهن واري سياسي دوري تي پهتل پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏياري جي جشن ۾ شرڪت ڪئي. ندو برادري سان گڏ ڏياري جي حوالي سان ڪيڪ ڪاٽيو ۽ اُتي موجود ماڻهن کي ڏياري جي عيد جون واڌايون به ڏنيون. اُن موقعي تي مختصر ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو، مسلمان ۽ هندو سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن. پيپلز پارٽي سدائين هندو برادري جي حقن ۽ تحفظ لاءِ ڪردار اداڪندي رهي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀتو صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا طرفان ڏياري جي موقعي تي ڏنل دعوت تي پهتو، جڏهن ته ٻين اڳواڻن طرفان مليل دعوتن ۾ به شرڪت ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *