بلاول ڀٽو پاران محسن داوڙ ۽ علي وزير جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد: (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ دفعو ٻيهر قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير ۽ محسن داوڙ جا پروڊڪشن آڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت، آئين ۽ قانون لاءِ بيٺا آهيون، هر جمهوريت پسند پروڊڪشن آرڊر لاءِ ساٿ ڏي. هن چيو ته ٻن ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن جيئن ڪورم پورو ٿي سگهي، اسان نه ٿا چاهيون ٿا ته تاريخ ۾ لکيو وڃي ته پراڊڪشن آرڊر نه جاري ڪيا ويا. هن چيو ته اسپيڪر جي ڪرسي هميشه جمهوريت جو ساٿ ڏنو آهي، حڪومت ڪنهن جي به هجي ٻن ميمبرن جو ايوان ۾ هجڻ ضروري آهي، ٻن ميمبرن جي ايوان ۾ نه هئڻ سان پيغام ويندو ته ايوان آزاد ناهي. حڪومت خبر ناهي پروڊڪشن آرڊر لاءِ ڪنهن سان مشورو ڪري رهي آهي، نه ضياءَ الحق ۽ نه پرويز مشرف ايئن ڪيو، حڪومت جمهوريت کي ڪمزور ڪري رهي آهي، جيڪي به ڌانڌلي سٽيل عمل مان گذرن ٿا پريشان ٿيندا آهن. بلاول ڀٽو زرداري جي مطالبي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جواب ڏنو ته قانوني نڪتا ڏسي رهيا آهيون جنهن ئي فيصلو ٿيندو ٻڌائينداسين.بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان  ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته هينئر تائين ڪجهه ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ناهن ٿيا. بجيٽ سيشن ۾ حصو وٺڻ هر ايم اين اي جو حق هوندو آهي. پيپلز پارٽي احتجاجن بجيٽ سيشن ۾ حصو وٺي رهي آهي. حڪومت فاٽا جي عوام کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهي آهي. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فاٽا جو ٻچو ٻچو گڏ بيٺو هو. ماڻهن جا ڪاروبار تباهه ٿيا ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿيون. اڄ اهي ئي ماڻهو بجيٽ ۾ حصو نه پيا وٺن. هن جو چوڻ هو ته جيڪو به چور دروازي کان ايندو آهي اهو هر وقت پريشان هوندو آهي. اختر مينگل جو سنجيده اشو حل نه ٿيو ته هو به بجيٽ تي ووٽ نه ڏيندو.هن وڌيڪ چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ملڪي مفاد تحت فيصلا ڪيا ويندا، سڀني جون نظرون اي پي سي تي آهن، سٺي خبر ايندي. هن چيو ته بجيٽ ڌانڌلي ذريعي پاس ڪئي پئي وڃي، بجيٽ عوام دشمن آهي ۽ ان جي شق تي اعتراض آهي،  حڪومتي نمائندن طرفان به بجيٽ تي اعتراض ڪيا ويا آهن، ڌانڌلي باوجود پ پ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺي رهي آهي، ڪوشش ڪندس ته بجيٽ ڪٽوتي تحريڪ ۾ به حصو وٺان.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *