بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسد عمر آمهون سامهون

اسلام آباد (م ڊ) پ پ چيئرمين ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير آمهون سامهون ٿي ويا آهن، اسد عمر طرفان تنقيد تي بلاول ڀٽو زرداري به کيس جواب ڏئي ڇڏيو. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ بلال ڀٽو زرداري انگريزي ۾ تقرير ڪندي چيو ته پابندي پيل تنظيمن خلاف ڪريڪ ڊائون نه پيو ڪيو وڃي، جڏهن ته اپوزيشن کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن تي اسد عمر کيس جواب ڏنو ته خبر ناهي ڇو بلاول کي پنهنجي زرداري هجڻ تي شرمندگي آهي ۽ هو چاهي ٿو ته ڪير به کيس ياد نه ڏياري ته هو زرداري آهي پر اسان ته کيس زرداري ئي چونداسين. ناڻي واري وزير موجب بلاول پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ دشمن جو موقف قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ سوشل ميڊيا تي اسد عمر کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي چيو ته ناڻي واري وزير پارليامينٽ ۾ منهنجي تقرير کي ملڪ دشمن قرار ڏنو ۽ منهنجي انگلش ۾ تقرير تي اعتراض واريو، جيتوڻيڪ پرڏيهي وزير پڻ انگريزي ۾ تقرير ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ناڻي واري وزير جي پيءُ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته جنرل عمر جي اولاد غيرت تي ڪيئن ٿي ليڪچر ڏئي سگهي. پ پ چيئرمين هڪ سرڪاري حڪم نامي جي تصوير پڻ ٽوئيٽ ڪئي، جنهن ۾ سرڪاري سطح تي وزيراعظم جو نالو عمران احمد خان نيازي بدران رڳو عمران خان استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *