بلاول ڀٽو زرداري وزير اعظم جو گلگت بلتستان وارو پيڪيج رد ڪري ڇڏيو

لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري  وزير اعظم جو گلگت بلتستان وارو پيڪيج رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پارليامينٽ 31هين آئيني ترميم جي ذريعي فاٽا جي عوام کي آئيني حق ڏنا ۽ وزير اعظم پيڪيج جي ذريعي اُتان جي عوام جي حقن تي وار ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چوڻ هو ته اسان وزير اعظم جي گلگت بلتستان واري پيڪيج کي رد ڪيون ٿا ان سان علائقي جي سياسي استحڪام تي ناڪاري اثر پوندا. قانون سازي جو اختيار افسر شاهي کي ڏيڻ گلگت جي عوام جي حقن کان انڪار آهي، وزير اعظم جي پيڪيج کي گلگت بلتستان جي اسيمبلي به رد ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ 31هين آئيني ترميم جي ذريعي فاٽا جي عوام کي آئيني حق ڏنا جڏهن ته گلگت بلتستان پيڪيج عوام جي توهين آهي، ۽ وزير اعظم پيڪيج جي ذريعي اُتان جي عوام جي حقن تي وار ڪيو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *