اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. انساني حقن بابت ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو هو جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو شرڪت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري بنا مقابلي چونڊجي ويو. بلاول ڀٽو ڪميٽي ۾ بنا مقابلي چونڊجڻ بعد خطاب ۾ چيو سڀني جو ٿورائتو آهيان. خاص طور تي شيرين مزاري جو ٿورائتو آهيان جيڪا هتي موجود آهي، آئون شيرين مزاري جي پارٽي جي حڪومت جو مخالف رهيو آهيان پر آئون سمجهان ٿو ته انساني هقن جي حوالي سان شيرين مزاري جي ڪمٽمنٽ ڪنهن شڪ شبهي کان مٿانهين آهي. منهنجي انساني حقن بابت ڪميٽي جو ميمبر بڻجڻ ۾ دلچسپي رهي آهي. هاڻ جڏهن آئون هڪ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجو آهيان پارٽي وابستگي کان مٿانهون ٿي انساني حقن بابت ڪم ڪندس. بلاول ڀٽو چيو ته انساني حق ڪنهن به جمهوير معاشري جي اساس هوندا آهن. ڪا به جمهوريت انساني حقن جا تحفظ قائم ڪرڻ کان سواءِ نٿي رهي سگهي. بلاول ڀٽو چيو ته انساني حقن کان سواءِ قانون جي حڪمراني ممڪن ناهي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته اسان وٽ ٿوري ڏکيائي هوندي آهي جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ ئي اسان انساني حق يقيني ناهيون بڻائي سگهندا. آئون چاهيندس ته اسان گڏجي انساني حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيون، ان حوالي سان ڪميٽي ميمبرن جو سهڪار گهربل هوندو. بلاول ڀٽو چيو ته مون تي اعتماد ڪرڻ ۽ ايتري اهم ذميواري ڏيڻ تي سڀني جو ٿورائتو آهيان اِها اهم ذميواري نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندس. ان موقعي تي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري صحافي کان سوال ڪيو ته بلاول ڀٽو ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو آهي هن کي ڪهڙو مشورو ڏيندا؟ ان تي اڳوڻي صدر جواب ڏنو ته بلاول ڀٽو کي مشوري جي ضرورت ناهي.