بلاول ڀٽو زرداري جي وزن موجب سڄي سنڌ کي بهتر بڻائينداسين، بيريسٽر مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( هه آ)  سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت سڌارو آڻي رهي آهي. لياري جنرل اسپتال ۾ اين آئي سي وي ڊي جي چيسٽ پين يونٽ جو قيام انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لياري جنرل اسپتال ۾ قائم اين آئي سي وي ڊي جي چيسٽ پين يونٽ جو دورو ڪندي ڪيو. هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻيون سياسي جماعتون فقط چونڊن جي ڏينهن ۾ لياري جو دورو ڪنديون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي لياري جي عوام جو ساٿ ڏنو آهي. سڄي پاڪستان ۾ لياري پيپلز پارٽي جي سر جو تاج آهي. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو وزن سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهي اسان جي جماعت عوام جي خدمت تي يقين رکندي آهي جڏهن ته ٻيون سياسي جماعتن جو مطع نظر فقط اقتدار آهي. اسان حڪومت ۾ رهندي ڪردار ۽ حڪومت کان ٻاهر رهندي پڻ عوام جي خدمت ڪئي آهي. ان موقعي تي اطلاعات بابت صلاحڪار مريضن سان سندن صحت ۽ دوائن جي سهولتن بابت ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. اطلاعات بابت صلاحڪار جي دوري جي موقعي تي  عوام جي وڏي انگ سندس ڪارگذاري تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کان علاوه صوبائي صلاحڪار اتي موجود صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي وزن جي روشني ۾ سڄي صوبي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين لياري جي عوام سان بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلز پارٽي جو گهرو رشتو قائم آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت اين آئي سي وي ڊي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي لياري ۾ چيسٽ پين يونٽ قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته لاڙڪاڻي، سکر، ٽنڊو آدم سميت ٻين شهرن ۾ اهي يونٽ قائم ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته لياري سميت ڪراچي ۾ 8 سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن لياري ۾ 8 لک کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. صوبائي صلاحڪار چيو ته لياري يونٽ کي جلد اپگريڊ ڪري انهيءَ کي سيٽلائيٽ سينٽر بڻايو ويندو. هن چيو ته سينٽر ۾ 4 وينٽي ليٽر ۽ 4 موبائل يونٽون پڻ فراهم ڪيون ويون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *