بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي ۾ گيس جي ليڪيج واري معاملي تي ڳڻتي جو اظهار

نوابشاهه:(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪي پي ٽي اختياريون گيس ليڪيج جون حقيقتون سامهون آڻين.رپورٽ موجب بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي ۾ گيس جي ليڪيج واري معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گيس ليڪيج سبب فوتين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪي پي ٽي اختيارين طرفان گيس ليڪيج جي معاملي تي پردو وجهڻ برداشت نٿو ڪري سگهجي. ڪي پي ٽي اختيارين کي حقيقتون عوام جي سامهون آڻڻيون پونديون.جنهن کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري نوشهرو فيروز ۾ پيپلز پارٽي جي مقتوله ايم پي اي شهناز انصاري جي گهر وڃي ان جي مڙس ڊاڪٽر حميد انصاري سان تعزيت ڪئي ۽ مرحومه لاءِ مغفرت جي دعا گهري.جنهن کان پوءِ بلاول ڀٽو ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي ڳوٺ پهتو جتي هن ان جي پيءُ حاجي رحمت الله جي لاڏاڻي تي ان سان به تعزيت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *