اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو حڪومت پاران او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته هن حساس گهڙي ۾ عالمي فورم کي هر صورت ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي، بلاول ڀٽو ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ڀارت جي جارحيت کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ضروري هئي، ان کان اڳ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پ پ جي ڪو چيئرمين آصف زرداري او آءِ سي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.