ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، بلديات، هائوسنگ ٽائون پلاننگ مذهبي معاملن، جهنگلات ۽ وائلڊ لائف واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي پيپلز ميڊيا سپورٽ پروگرام شروع ڪري رکيو آهي جنهن سان ميڊيا جي بقايائن جون ادائيگيون به ڪافي عرصي کان شروع ڪري رکيون آهن ليڪن اسان اهو سڀ ان لاءِ ڪيو آهي ته ميڊيا پنهنجي ملازمن جي ملازمت جو تحفظ ڪندا ۽ ڪنهن کي به ملازمت مان فارغ نه ڪيو ويندو ۽ پاليسي جي تحت انهن کي پگهارن جي ادائيگي به جاري رهندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ان تي مڪمل قانون سازي ڪئي پئي وڃي ليڪن اسان ميڊيا جي ادارن کي چيو آهي ته ملازمن جي ملازمت کي يقيني بڻايو وڃي. صوبائي وزير چيو ته اسان کي صحافي برادري جو پورو احساس آهي ته هو وڏو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي مسئلن جو پورو احساس آهي اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته جيئن اسان ڊاڪٽرن کي خراج تحسين پيش ڪندا آهيون انهي وانگر اسان صحافي برادري کي به خراج تحسين پيش ڪندا آهيون ته هو مشڪل وقت ۾ پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيا آهن. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ميڊيا جي بقايائن جي ادائيگي به اسان ڪافي عرصي کان شروع ڪري رکي آهي ۽ اهو مسئلو به اسان جي نظر ۾ آهي.