ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهباز شريف ۽ عمران خان کي ڪراچي ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪراچي جو عوام ٻنهي کي عبرت جوڳي شڪست ڏيندو، شهباز شريف کي ماڊل ٽائون سانحي، ملتان ميٽرو ۽ آشيانه هائوسنگ اسڪيم جو احساب ڏيڻو آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عوام کي ” ڇو ڪڍيو“ سان ڪا به غرض ناهي، پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا عوامي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته عدالت ۽ پارليامينٽ جي بدران پيپلز پارٽي هميشه عوام سان گڏ رهي آهي، ميمو گيٽ اسڪينڊل هڪ ڪوڙو ڪيس هو، پاناما ڪيس تان ڌيان هٽائڻ لاءِ نواز شريف ميمو گيٽ اسڪينڊل کي زندهه ڪري رهيو آهي.