بلاول ڀٽو جو ايم ڪيو ايم (پاڪستان) کي اتحاد ڪرڻ جو ٻيهر مشورو

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ دفعو ٻيهر متحده قومي موميٽ (پاڪستان) کي مرڪز ۾ اقتدار تي ويٺل تحريڪ انصاف سان اتحاد ختم ڪرڻ جو  مشورو پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نمائندن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم بلدياتي اصلاحن، پوليس ۽ ٻين مطالبن تي پورو نه لهي سگهي آهي.ايم ڪيو ايم کي سوچڻ گهرجي ته هو ڪراچي جي عوام کي تڪليفن ۾ مبتلا ڪرڻ واري پارٽيءَ جو ساٿ ڇو ڏئي رهيا آهن؟. بلاول چيو ته ايم ڪيو ايم خود به چوي ٿي ته حڪومت ساڻن جيڪي واعده ڪيا هئا اهي هن پورا نه ڪيا آهن. ايم ڪيو ايم کي گهرجي ته حڪومت جو ساٿ ۽ وزارتون ڇڏي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. چيئرمين پيپلزپارٽي جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڪافي نظرياتي مسئلا  آهن پر ٻنهي پارٽين کي گڏجي ڪراچي جي عوام جا مسئلا  حل ڪرڻ گهرجن.هن چيو ته وفاقي حڪومت عوام سان ڪيل هڪ به واعدو پورو نه ڪيو آهي. عمران خان ڪراچي ۾ پاڻي جو ڊي سيلينيشن پلانٽ هڻڻ، نوڪريون ڏيڻ ۽ ٻين واعدن تان يوٽرن ورتو آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم واقعي ڪراچي جي لاءِ مخلص آهي ته هو وزارتون ڇڏين ۽ اسان سان ڪم ڪن. پي ٽي آءِ ۾ صلاحيتون ناهن ته ملڪي معاملا هلائي سگهي ۽ اتحادين کي گڏ وٺي هلي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *