بلاول ڀٽو آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي کي پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاق تي حملي جي بجاءِ وفاقي حڪومت کي سنڌ حڪومت کان سکڻ گهرجي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدو پارليامينٽ مان منظور نه ڪرايو ويو ته اسان انهي کي رد ڪري ڇڏينداسين ۽ احتجاج جو به حق رکون ٿا.بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي به آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو هو پر ملڪي معيشت تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويو هو. ڪالهه تائين  آءِ ايم ايف مان پگهار کڻندڙ کي هن وقت اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر مقرر ڪيو ويو آهي. وفاق جي ناڪامي سبب صوبن جو ڏيوالو نڪري رهيو آهي.  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اڄ معيشت تي ڳالهائيندس، عام ماڻهو جي زندگي تنگ ٿي رهي آهي جڏهن ته حڪومت جي نااهلي جو بار عام ماڻهو برداشت ڪري رهيو آهي، ناڻي وارو وزير، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ ايف بي آر چيئرمين هٽايو ٿو وڃي، اسان پڇون ٿا ته اهي فيصلا ڪير ڪري رهيو آهي؟ ڇا اهي فيصلا آءِ ايم ايف ڪري رهيو آهي؟ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي حڪومت آءِ ايف ايف اڳيان جهڪيل آهي، جڏهن ته مونجهاري سبب معيشت تي خراب اثر پئجي رهيا آهن ۽ حڪومت ڪو به قدم ناهي کڻي رهي. سندس چوڻ هو ته خان صاحب! جو هر نعرو ۽ دعويٰ ڪوڙي هوندي آهي، چوي ٿو ته ارڙهين ترميم وفاق جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، وفاق جي ناڪامي سبب صوبن جو ڏيوالو نڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ اهو واحد صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽئڪس وصول ڪيو ويندو آهي، حڪومت کي سنڌ کان سکڻ گهرجي، عمران خان جي ناڪامي سبب صوبا متاثر ٿي رهيا آهن، عوام مهانگائي جي شڪل ۾ حڪومت جي ناڪامي جو بار کڻي رهي آهي، پيپلز پارٽي به آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو پر پگهارن ۾ واڌ به ڪئي، ماڻهو پاڻ فيصلو ڪن ته تبديلي کان پهريان حالتون بهتر هيون يا هاڻ  آهن.بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته احتساب واري قانون تي اسان جو موقف چٽو آهي، اڄ به چئون ٿا ته هي ڪارو قانون آهي، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ترميم آڻينداسين، سمورين پارٽين کي چئلينج ڪنداسين ته احتساب سڀ لاءِ هئڻ گهرجي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته وزيراعظم اڄ اجلاس ۾ آيو هو پر ڪو به جواب نه ڏنائين، هي ڪهڙو بزدل وزيراعظم آهي جيڪو اڌ  اجلاس مان اٿي ڀڄي ويو، جهانگير ترين کي ڊپٽي وزيراعظم بڻجڻ تي وڌايون ڏيان ٿو. هن چيو ته سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس سنڌ صوبو وصول ڪري ٿو. صوبي وٽ اختيار آهي ته هو سيلز ٽيڪس وٺي سگهي ٿو. وفاق ٽيڪس ڪليڪشن جو اختيار  سنڌ حڪومت کي ڏئي. 100 فيصد  حدف حاصل ڪري ڏينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *