اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمهوريت جون پاڙون مضبوط ڪرڻ اسان جي پارٽي جي منشور جو حصو آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي سربراهه طو پنهنجو پهريون منشور پيش ڪيو جيڪو گڏيل طور تي پارٽي جو يارهون منشور آهي. پيپلز پارٽي جو پهريون منشور 1967ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي پيش ڪيو هو. پيپلز پارٽي جي موجوده منشور جو نالو ” بيبي جو واعدو نڀائڻو آهي، پاڪستان کي بچائڻو آهي“ رکيو ويو آهي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته اڄ پاڪستان جو هر شعبو استحصال جو شڪار آهي پر اسان دنيا ۾ پاڪستان جي جائز حيثيت بحال ڪرائينداسين. هن چيو ته اڄ پاڪستان مفلوج ٿي چڪو آهي، دهشتگردي جي خلاف قربانين جي باوجود پاڪستان عالمي دٻاءَ جو شڪار آهي. هن چيو ته احتساب جي نالي تي سمورا ادارا تباه ڪيا ويا آهن ۽ پارليامينٽ خاموش تماشائي بڻجي رياست ۽ معيشت کي لاڳو خطرن کي ڏسندي ره پر اسان رياستي ادارن جي وچ ۾ هڪ جهڙائي کي هٿي ڏينداسين ۽ پارليامينٽ ۽ ٻين ادارن جا ڍانچا مضبوط ڪنداسين. هن چيو ته ملڪ جي وقار تي سمجهوتو نه ڪنداسين ۽ دنيا سان برباري جي سطح تي لاڳاپا رکنداسين، پارليمان کي پرڏيهي پاليسي تي اعتماد ۾ رکنداسين. هن ٻڌايو ته سلاله تي حملي بعد شمسي ايئربير ڪري ڇڏيو ۽ 7 مهينا نيٽو سپلاءِ بند ڪئي آمريڪا جي اکين ۾اکيون وجهي ڳالهيون ڪيون ۽ پهريون ڀيرو هڪ سپر پاور ملڪ کي معافي گهرڻي پئي. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي جو مسئلو سنگين آهي، پاڻي جي مسئلي کي حل نه ڪيو ته اهو سنگين صورتحال اختيار ڪري ويندو. هن چيو ته عوام جو شعور اجاڳر ڪرڻ جي لاءِ پاڻي جي بچت ۾ بقا آهي، اسان ڄام شورو ۾ ڊيم بڻايا پر اسان کي سڄي ملڪ ۾ ڊيم بڻائڻا پوندا. پيپلز پارٽي پاڻي جي مسئلي تي ڪم ڪري رهي آهي پر افسوس آهي ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ هڪ پاڻي جو منصوبو ناهي بڻيو اسان کي ڊيم بڻائڻا پوندا ۽ ڊرپ اريگيشن کي هٿي ڏيڻي پوندي. پ پ جي چيئرمين چيو ته زرعي ملڪ هئڻ جي باوجود پاڪستان جي زراعت بحال آهي پر اسان ملڪ جي هارين جي رجسٽريش ڪري انهن کي بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪنداسين، عورت هارياڻين جي رجسٽريشن به ڪئي ويندي. هن چيو ته قومي پيداوار ۾ واڌ جي لاءِ مقامي آبادگارن کي سبسڊي ڏني ويندي، ڀاڻ جي قيمت 500 رپيا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي قيمت 1700 رپيا ڪنداسين. هن چيو ته ٽيڪسٽائل کي پاڪستان معيشت ۾ مرڪزي حيثيت حاصل اهي پر اڄ هن شعبي جو حال خراب آهي، اسان ٽيڪسٽائيل جي شعبي کي بحال ڪنداسين ۽ ٽيڪسٽائل تي زيور ٽيڪس هوندو. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته عوام کي بنيادي صحت جون سهولتون ڏيڻ حڪومت جي ذميواري هوندي اهي ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪراچي ٽنڊو محمد خان، مٺي ۽ خيرپور ۾ اسپتال کوليا. هن چيو ته اسان جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪينس جو علاج متعارف ڪرايو، بدين ۾ 8 منزل جديد اسپتال قائم ڪئي. هن چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي صحت جي سهولتن جي نظام کي سڄي ملڪ ۾ ڦهلائينداسين ۽ پهريون ڀيرو فيملي هيلٿ پروگرام شروع ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته جمهوريت جي دشمنن جون سازشون جاري آهن، سالن کان پارليامينٽ ۾ غير حاضر رهي ووٽ کي عزت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ تان به جمهوريت مضبوط ناهي ٿيندي، سمورن ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آزادي اظهار راءِ تي پابندي مڙهي پئي وڃي پر پيپلز پارٽي کي سينسر ۽ ملاوٽ ٿيل جمهوريت قبول ناهي، پيپلز پارٽي معياري جمهوريت جي لاءِ آواز اٿاريندي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي شاگرد يونين ۽ ٽريڊ يونين تي پابندي ختم ڪندي، منشور ۾ پهريون ڀيرو لونگ ويج جو پيڪج متعارف ڪرايو آهي جنهن جي تحت ڪنهن کي هٿ ڦهلائڻ جي ضرورت نه پوندي.