بلاول طرفان قومي مفاد تي حڪومت جي غير مشروط حمايت جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي مفادن تي حڪومت جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪيو آهي.ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس غير جمهوري سياست ۽ معيشت بابت نهايت خطرناڪ پاليسين بابت ڪيترائي خدشا آهن، مان اهو به سمجهان ٿو ته پرڏيهه ۾ سندس طرز عمل خاص طور تي جلو پي ٽي آءِ بدران پاڪستان جي وزيراعظم جو هئڻ گهرجي.هن چيو ته مان پهريون به چئي چڪو آهيان ته عظيم ملڪي مفاد لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ پاڪستان جي دنيا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جو ساٿ ڏيون، مان حڪومت جي ان سلسلي ۾ غير مشروط حمايت ڪريان ٿو، مان هاڪاري تنقيد جاري رکندس پر سڀ کان پهرين ترجيح پاڪستان جي ئي هوندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *