رتوديرو (رپورٽر)بلاول ڀٽو، مريم نواز ۽ آصفه ڀٽو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي ورکا ڪري فاتحه خواني ڪئي، رپورٽ موجب پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ۽ آصفه ڀٽو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار ڀٽو، شهيد مير مرتضي ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪري بعد ۾ گلن جون جون چادرون چاڙهي سندن مغفرت لاء دعا گهري