بغاوت ڪيس: نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿيندا

لاهور ( م ڊ ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي بغاوت جي ڪيس ۾ سڀاڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندا. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا انٽرويو  جي بنياد تي ٻنهي اڳواڻن خلاف درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي. فل بئنچ نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي کي 8 آڪٽوبر تي طلب ڪيو هو. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سڀاڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو جڏهن ته شاهد خاقان عباسي جي به پيشي جو امڪان آهي. درخواستگذار آمنه ملڪ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي وزارت عظميٰ جي قسم جي پاسداري نه ڪئي آهي ۽ ٻنهي خلاف بغاوت جي ڪارروائي ڪئي وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *