بشار اسد جي تختي اونڌي ڪرڻ ۾ روس، ايران ۽ ترڪيھ جو ھٿ ھو ؟
December 12, 2024 at 11:46 pmجڏهن ماڻهو پنهنجن ھدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انتهائي حد تائين وڃڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا، تڏهن هو ڪاميابيءَ لاءِ منطقي سان سوچڻ بدران پاڻ کي دوکو ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا آهن. جيتوڻيڪ شام جي باغين اوچتو تيزيءَ سان پيش قدمي ڪئي آهي، پر ان کي اتفاق نه ٿو چئي سگهجي.توقع جي عين مطابق اسد خاندان جي 50 سالن جي آمراڻي دور جو تختو انڌو ڪرڻ ۽ ويڙهاڪن پاران دمشق کي فتح ڪرڻ واري معاملي کي اولهه جي صحافين وڏي پئماني ساراهيو آهي.اولهه جي ميڊيا جي ڪجهه رپورٽن ۾ بشار الاسد جي ڊگهي ۽ ٻڏتر واري حڪمراني جي دور کي ‘ بي رحم’ قرار ڏنو ويو، پر جڏهن بينجمن نيتن ياهو جي ڳالهه اچي ٿي، ان جي خوفناڪ جنگي ڏوهن جي باوجود، اولهه جي ميڊيا پنهنجي لفظن جي چونڊ ۾ احتياط کان ڪم نھ ٿي وٺي.
جيڪڏهن توهان کي خبر ناهي ته ٻڌائيندا هلون ته شام کان سواءِ اولهه ميڊيا موجب ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي واقع مراڪش کان وٺي عمان تائين عربي سمنڊ جي ڪناري تي آباد، تل ابيب (اسرائيل)کان، عمان (اردن)، رياض (سعودي عرب)، ابوظهبي (متحده عرب امارات )، دوحا (قطر)، مسقط (عمان) ۽ صنعا (يمن) تائين، سيڪيولر جمهوريت جو راڄ ۽ انساني حقن جي بالادستي آهي . اهي قياس آرائيون کل جھڙيون آھن،جيڪڏھن ائين نھ آھي تھ پوءِ وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ واقعن کي اسين ڪيئن بيان ڪنداسين ؟اولهه جي ميڊيا تازي صورتحال جو درست انداز ۾ تجزيو پيش ڪرڻ جي ضرورت آھي.نه ته ان کي ڪنهن جي فتح جو جشن ملهائڻ گهرجي ۽ نه ئي ڪنهن کي غير ضروري طور هارايل قرار ڏيڻ گهرجي.اولهه جي ميڊيا جنهن طريقي سان شام اڳڀرائي کي ”آزادي“ قرار ڏئي رهي آهي، اهو تمام گهڻو گمراهه ڪندڙ آهي. ستم ظريفي اھا آھي تھ اھي ويڙھاڪ جيڪي ڪڏهن وحشي انتهاپسند هئا. هاڻي سي اين اين، انھن کي سماجي تنوع ( سماجي تنوع) يعني سماجي اڌ ويجھھ جو عمل يا سماج جو پرت،قرار ڏئي رھيو آھي.اھڙي منافقت جو اسان کي ماضيءَ ۾ به مثال ملي ٿو . جنهن جي شروعات 1953ع ۾ ايران جي چونڊيل مقبول حڪومت خلاف ٿيندڙ بغاوت سان ٿي ھئي. جيتوڻيڪ آمريڪا چونڊيل وزير اعظم محمد مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ھو،پر برطانوي انٽيليجنس ايجنسي MI6، جيڪا ان بغاوت جي ماسٽر مائينڊ ھئي،ان ڪڏهن به پنهنجي مبينا ڪردار جو اعتراف نه ڪيو آهي.
1936ع ۾ جڏهن رضا شاهه پهلوي ، ڪشفِ حجاب جي نالي سان هڪ حڪم جاري ڪيو، جنهن تحت عورتن کي حجاب ۽ چادر پائڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي، اهو ايران ۾ هڪ تاريخي لمحو هو. چيو وڃي ٿو ته رضا شاهه پهلويءَ جي ان حڪم تي ’فوري ۽ زبردستي عمل ڪرايو ويو‘. بهرحال اها پابندي 1941ع ۾ هٽائي وئي پر ان جا اثر گھڻي وقت تائين رهيا.حجاب رضا شاهه جي حڪمراني خلاف مزاحمت جي علامت بڻجي ويو، جيتوڻيڪ 1979 جي ايراني انقلاب تائين، ايراني عورتن کي آزادي هئي ته هوءَ پنهنجي مرضي مطابق جھڙو چاھي لباس پائي سگھي ٿي. (اهو ڏسي افسوس ٿيو ته CNN جي رپورٽر حيات التحرير الشام جي سربراهه جي انٽرويو ڪرڻ لاءِ حتياط طور اسڪارف سان مٿو ڍڪڻ جي ضرورت محسوس ٿي)حجاب کي ايران جي خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو ويو، جيتوڻيڪ اسرائيل ۽ ايران ٻئي مذهبي رياستون آهن جتي رياستي سطح تي لاڳاپيل مذهبن جي پيروي ڪئي ويندي آهي.جيتري قدر شام جو تعلق آهي ته ھتي بشار الاسد جي صدارت هيٺ جمهوريت تھ نه هئي، پر اولهه جي نظر ۾، اهو هڪ وڌيڪ عالمگير ۽ سيڪيولر ملڪ هو. اولهه کي جمھوريت نھ ھجڻ تي بشار الاسد سان سڀ کان وڌيڪ اختلاف ھو.
حقيقت اها آهي ته الاسد حڪومت جي خاتمي سان اهو واحد سيڪيولر عرب ملڪ بھ رستي تان ھٽي ويو جيڪو خطي ۾ روس جي مدد سان اسرائيل ۽ آمريڪا جي اثر رسوخ کي چيلينج ڪندو هو.يمن، لبيا، عراق ۽ فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن کي تھ اھي اڳي ئي تباهه ڪري چڪا آهن.
شام ۾ ھاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ ان سلسلي ۾ ٽي عنصر اهم آهن. پهريون اهو امڪان آهي ته دمشق تي باغين جي فتح سان، چين ۽ روس جي برڪس( BRICS ) بابت ارادن کي ڌڪ لڳندو،ڇاڪاڻ جو شام ۾ عدم استحڪام جي ڪري،اولهه جي بالادستي کي چيلينج ڪرڻ جي سندن مقصد ناڪام ٿي ويندا.
ٻئي طرف روس جي شهر قازان ۾ منعقد ٿيندڙ برڪس ڪانفرنس ۾ ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردگان جي شرڪت ۽ برڪس اتحاد ۾ ترڪيھ جي امڪاني شموليت بابت بھ اولهه جي ملڪن ۾ يقيني طور ڳڻتي پئدا ٿي ھوندي. ڇاڪاڻ ته هو اڳ ۾ ئي نيٽو جو ميمبر آهي. ان برڪس BRICS ۾ شموليت سان اولهه جو، اثر ڪمزور ٿيندو.
شام واري افراتفري ۾ رجب طيب اردگان جو جيڪو ڪردار رھيو آھي، جيتوڻيڪ اھو دلچسپ آهي، پر ان بھ اولهه کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته ان سان خطي جي جيو پوليٽيڪل تحرڪ جي تبديل ٿيڻ جو خطرو آهي.
بشار الاسد جي صدارت ۾ شام پڻ BRICS جي رڪنيت لاءِ درخواست ڏني ھئي. ايران، مصر، ايٿوپيا ۽ گڏيل عرب امارات اڳ ۾ ئي اقتصادي اهميت جي حامل برڪس اتحاد جو حصو آهن. اميد آهي ته سعودي عرب به ان اتحاد ۾ رسمي طوران اتحاد ۾ شامل ٿيندو برڪس جو وڌندڙ اثر واشنگٽن لاءِڳڻتي جو سبب آهي.جڏھن تھ ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ۾ ئي خبردار ڪري چڪو آهي ته BRICS عالمي معيشت کي ’ڊي ڊالرائز‘( ڊالر کان نجات) حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
بهرحال،گھڻ ملڪي برڪس تنظيم سڌي ريت ڊالر جي عالمي بالادستي کي چئلينج نه ڪندي، پر ان جو مقصد انهن ملڪن لاءِ اقتصادي ترقي جا متبادل رستا ڳولڻ آهي جيڪي ڊالر يا ٻين آمريڪي پابندين جي پاليسين کان متاثر ٿي رھيا آهن.
شام ۾ برپا ٿيل طوفان ۾ ايران ۽ روس جون ٻيڙيون ٻڏتر جو شڪار ضرور ٿيون آھن.پر اھي شام جي حوالي سان پنهنجي حڪمت عملين تان پوئتي نه هٽندا ۽ بشار الاسد جي حمايت جاري رکندا، ڇاڪاڻ ته شام ۾ انهن جا گهرا مفاد آهن. شام ۾ انهن ٻنهي ملڪن جي دلچسپي مستقبل ۾ اولهه جي ملڪن لاءِ پريشان ڪندڙ صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي. شام مان روسي فوجن جي واپسي نھ ٿي آهي ۽ نه ئي ڪو اهڙو اشارو ڏنو ويو آهي ته هو شام مان پنهنجون فوجون ڪڍڻ چاهي ٿو، جڏهن ته روس جو مکيه بحري بيس به طرطوس جي ساحل تي واقع آهي.
شام ۾ شهرين ايراني سفارتخاني ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جتي ھنن شهيد ٿيل ليڊر حسن نصرالله ۽ القدس فورس جي سربراهه قاسم سليماني جون تصويرون ڦاڙي ڇڏيون.اھي ويڙھاڪ جن جو شام تي قبضو آھي.اھي ايران کي سخت ناپسند ڪن ٿا. پر ان حقيقت جي باوجود ايران شام ۾ پنهنجو سفارتخانو بند نه ڪيو آهي.
ايران پنهنجي سفارتي عملي ۽ انهن جي خاندانن کي حفاظتي بنيادن تي شام مان نڪرڻ جو حڪم ڏنو،جڏھن تھ ان سان گڏ ئي ايران ”نيويارڪ ٽائمز“ جي هڪ رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ دعوي ڪئي وئي ھئي ته ايران پنهنجي فوج کي شام مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آهي ايراني سفير حسين اڪبري سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شام ۾ ايراني سفارتخانو فعال رھندو.جتي 5 کان 6 سفارتڪارن جو عملو موجود رهندو، جيڪو صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ڪندو. ايران جي سرڪاري ميڊيا جو چوڻ آهي ته حيات التحرير الشام ضمانت ڏني آهي ته دمشق ۾ بيبي زينب جي مزار کي نقصان نه پهچايو ويندو. جمعي تي ترڪي، روس ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي دوحا ۾ ملاقات متوقع آهي، جيڪا وڏي اهميت رکي ٿي.
انهن ٽنهي ملڪن شام کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ 2017 ۾ آستانه گروپ ٺاهيو. جيتوڻيڪ ترڪيھ به ان گروپ جو حصو هو، پر رجب طيب اردگان ۽ بشار الاسد ۾ ڇڪتاڻ هئي. سو هتي سوال پيدا ٿئي ته باغين جي تازي اڳڀرائي دوران ايران ۽ روس بشار الاسد جي مدد لاءِ ڇو نه آيا؟ ڇا انھن باغين جي اوچتو ۽ تيز رفتار اڳڀرائي تي حيران ھئا ؟ يا آستانه گروپ ڪنھن مقصد تحت غير مقبول شامي صدر بشار الاسد کي قربان ڪيو آهي؟
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايران جو حزب الله سان اهم زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. ڪيترن ئي رپورٽن موجب، اهو رستو اسرائيل طرفان شام ۾ حزب الله جي سپلاءِ لائن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ نھ بلڪھ چين ۽ روس جي وڏي ترجيحات جي ڪري ڪٽيو ويو آھي. ايران اسٽريٽجڪ طور چين ۽ روس ٻنهي لاءِ اهم آهي، اھي ان کي ڪنھن اھڙي جنگ ۾ ڌڪڻ نھ چاھيندا،جنھن جو نتيجو ايران جي حق ۾ نه هجي ۽ نھ ئي اھو اسرائيل کي فلسطينين جي نسل ڪشي کان روڪي سگھي.عرب ملڪن ۽ ترڪيھ جي سفارتي حڪمت عملي فلسطين جي مسئلي جو حل ممڪن نظر اچي رھيو آھي. روس به هاڻي يوڪرين ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، جڏهن ته ايراني تيل هاڻي چين لاءِ ترجيح ناهي رهيو.بهرحال، دمشق ۾ باغي اتحاد جا ويڙهاڪ اولهه جي ميڊيا جي ڌيان ۽ ڪوريج مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن، بلڪل ائين جيئن ماضي ۾ افغان مجاهدين اولهه جي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز هئا.