اسلام آباد(بيورو)حڪومت اڏاوتي صنعت کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ ان سلسلي ۾ سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو.ان ڳالهه جو اعلان وزير اعظم عمران خان اسلام آباد ۾ واپاري شخصيتن ۾ ٽيڪس ريفنڊز جا چيڪ ورهائڻ واري رٿيل تقريب ۾ ڪيو.وزير اعظم عمران خان چيو ته باقاعده طور تي رجسٽرڊ ورڪر مدد ۽ ان تائين پهچڻ وڌيڪ آسان آهي پر جيڪو ماڻهو روزاني اجرت ڪمائيندڙ آهي ۽ ان جو ڪٿي به ڏس پتو ناهي ان تائين احساس پروگرام جي ذريعي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.وزير اعظم ٻڌايو ته انهن ماڻهن کي ايس ايم ايس مهم جي ذريعي اعلانيل 12 هزار ارب رپين مان فنڊ فراهم ڪيا ويندا ڇو ته اِهي گهراڻا هن وقت سڀ کان وڌيڪ ڏکيائي ۾ آهن.سندس چوڻ هو ته واپارين کي ان ڪري سپورٽ ڪرڻو آهي ته بزنس ڪميونٽي کان سواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي ۽ حڪومت جو شروع کان اِهو ئي فيصلو آهي ته ملڪ ۾ صنعت کي هٿي ڏيڻي آهي، بزنس کي مراعتون ۽ جهڙي طرح 60 واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ صنعتي ترقي ٿي رهي هئي اُهو ئي ماحول فراهم ڪرڻ آهي.وزير اعظم وڌيڪ چيو ته ٽيڪس ريفنڊز ڏيڻ ان منصوبي جو حصو آهي جيڪي پهرين نه ڏنا ويندا هئا جنهن جي ڪري اسان جي صنعت ٻيهر سيڙپڪاري نه ڪري سگهي هئي ۽ اڳتي نه وڌي سگهي هئي.هن ٻڌايو ته حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته بزنسز کي رينفڊ ڏنا وڃن جيئن انهن جي ليڪويڊيٽي هجي ان کان سواءِ واپار ۽ صنعت واري وزارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورن چيمبرز آف ڪامرس سان رابطا ڪري ان ڳالهه تي غور ڪيو وڃي ته ڪهڙي طرح گڏجي ان ڏکي وقت مان نڪرجي.وزير اعظم چيو ته هي ڏکيائي رڳو اسان جو مسئلو ناهي پر سڄي دنيا جو آهي پر امير ترين ملڪ آمريڪا به ڏکيائين جو شڪار آهي جنهن جي رڳو معيشت نشاني تي آهي پر اسان کي بک جي مسئلن کي به منهن ڏيڻو پيو پوي.سندس چوڻ هو ته سڀاڻي اڏاوتي صنعت جي لاءِ هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته اڏاوتي صنعت کي مراعتون ڏيڻيون آهن ۽ ان کي هلائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻي آهي.