اسلام آباد ( بيورو ) نيب چيئرمين جاويد اقبال بريگڊيئر ( ر ) اسد منير جي آپگهات بابت جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ نيب راولپنڊي سمورو ريڪارڊ پڻ فراهم ڪري ڇڏيو، انڪوائري جو مقصد آپگهات جو سبب معلوم ڪرڻ آهي. تفصيل موجب بريگڊيئر ( ر ) اسد منير جي آپگهات بابت جاچ جي شروعات/
ڪري ڇڏي، نيب چيئرمين جاويد اقبال پاڻ جاچ جي شروعات ڪئي، نيب راولپنڊي سمورو ريڪارڊ سندس حوالي ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد منير جي موبائيل فون جي ڊيٽا به لاڳاپيل ڪمپني کان طلب ڪري ورتي آهي، ضرورت پوڻ تي اسد منير جو موبائيل فون به طلب ڪري سگهجي ٿو، انڪوائري جو مقصد آپگهات جو سبب معلوم ڪرڻ آهي. گذريل ڏينهن نيب چيئرمين اسد منير جي آپگهات واري معاملي جي جاچ پاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي نيب راولپنڊي کان سمورو لاڳاپيل ريڪارڊ پڻ طلب ڪيو هو.