جنيوا (ويب ڊيسڪ): اتر ڪوريا گڏيل قومن پاران لڳايل نين پابندين کي رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا جلد ئي سخت تڪليف محسوس ڪندو. سوئيٽزرلينڊ جي خابرو ذريعن مطابق گادي جي شهر جنيوا ۾ هٿيارن بابت گڏيل قومن جي تعاون سان ٿيندڙ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اتر ڪوريا جي سفارتڪار هان تائي سونگ چيو ته واشنگٽن حڪومت سياسي، معاشي ۽ فوجي جارحيت ذريعي اتر ڪوريا جي ان ايٽي طاقت ۾ گهٽتائي جي خواهشمند آهي، جيڪا پنهنجي تڪميل جي ويجهو پهچي چڪي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي واري ڪائونسل گذريل ڏينهن اتر ڪوريا تي نيون پابنديون لڳايون آهن. هوڏانهن آمريڪي سينيٽ ۾ حڪمران جماعت جي سربراه آنگ سانگ سوچي جي خلاف مذمتي قرارداد آڻڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي سينيٽ حڪمران جماعت جي سربراهه مچ مڪونيل چيو آهي ته برما ۾ ڊڪٽيٽرشپ جي خاتمي لاءِ سوچي مان وڏيون اميدون آهن، ري پبلڪن سينيٽر جان مڪين ۽ ڊيموڪريٽ سينيٽر رچرڊ ڊربن گذريل هفتي آمريڪي سينيٽ ۾ قرارداد جمع ڪرائي هئي، قرارداد ۾ ميانمار ۾ تشدد جي مذمت ۽ آنگ سانگ سوچي خلاف ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.