برسات وسائڻ وارو سسٽم سنڌ ۾ داخل، ڪراچي ءَ ۾ ٻوڏ جو خطرو، مقاني کاتي کي الرٽ رهڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)برسات وسڻ وارو سسٽم سنڌ ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ ڪراچي ۾ تيز هوائون لڳڻ شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته موسميات کاتي جي ڪجھه ڏينهن اڳڪٿي باوجود مقاني ادارن پاران برسات جي صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به عملي قدم نه کنيا ويا، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير مقاني سميت واسطيدار ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف شهر ۾ نالن جي صفائي اڃان تائين شروع نه ٿي سگھي. جنهن سبب وڏي پاڻي جو خطرو آهي. گجر نالي ۾ ڪچري جو ڍير پاڻِي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي ۽ تيز برسات جي صورت ۾ شهر جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي سگھن ٿا ، اهڙي طرح حيدرآباد ۽ ميرپورخاص برسات سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. حيدرآباد، ٿرپارڪر ۽ بدين سميت سنڌ جي ٻين سامونڊي پٽي و اري علائقي ۾ برساتون شڙوع ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ تيز هوائون به شروع ٿي ويون آهن، موسميات کاتي چيو آهي ته گذڙيل ڏينهن ممبئي ۾ تيز برساتن سبب برسات جو سسٽم ۽ راجستان ۾ گھٽ دٻاءُ هاڻي گڏجي هڪ ٿي ويا آهن، جنهن سبب انهن جي شدت به وڌي وئي آهي ، هوا جي گھٽ دٻاءَ جي سسٽم ۾ واڌ سبب ان جي رفتار به گھٽ ٿي ويئي آهي، اهو سسٽم ڪراچي ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي وارن علائقن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهيو آهي ۽ اربع واري شام کان ڪراچي ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿيندو جيڪو جمعي تي جاري هوندو. موسميات کاتي پاران ٻه ڏينهن اڳ ئي الرٽ جاري ڪيا ويا هئا جنهن ۾ تيز برساتن جي صورت ۾ ڪراچي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح مهاڻن کي به سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *