برسات جي تباهيءَ تي بي حسي ڏيکارڻ تي وفاقي حڪومت آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايان ٿو:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورتر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مينهن کان پوءِ ڪراچي جي صورتحال کي ميڊيا ۾ سٺي ريت واضح ڪيو ويو پر ٻهراڙي وارن علائقن ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو، جيڪا بي حسي وفاقي حڪومت سنڌ لاءِ ڏيکاري ان تي سخت احتجاج ڪيان ٿو.سي ايم هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ مينهن ۽ ان کان پوءِ جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته هن سال بي مثال مينهن وسيا، خاص ڪري 27 آگسٽ واري مينهن سمورا موجوده ۽ ماضي جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا جنهن کان پوءِ اسان 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ 95 سيڪڙو شهر صاف ڪري ڇڏيو هو.سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي لاءِ هڪ وڏو مسئلو اِهو سامهون آيو آهي ته ڪراچي جي سيوريج جو نظام چڱو پراڻو آهي جيڪو ڪيترن ئي جاين تي مينهن سبب تباهه ٿي ويو هو پر اسان ان کي جلدي ئي تيار ڪري ورتو.مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسان ڪراچي جي هد تائين ان فيز ۾ آهيون ته جيڪو انفرااسٽريڪچر متاثر ٿيو ان جي مرمت ڪيون، ڪجهه روڊن تي مرمتي ڪم ڪيا آهن.ميڊيا سان شڪايت ڪندي هن چيو ته ڪراچي کي ميڊيا سٺي ريت اجاڳر ڪيو پر جيڪو مينهن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پيو، ان تي ميڊيا اندر وفاقي حڪومت جو روح اچي ويو ۽ انهن کي ڪجهه به نظر نه آيو.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جڏهن وزير اعظم عمران خان ڪراچي جو دورو ڪيو هو ته ان وقت مون هن کي ٻهراڙي وارن علائقن خاص ڪري ميرپور خاص، بدين، سانگهڙ ۽ سجاول جو ڪجهه حصو، ٽنڊو محمد خان، دادو جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو هو جڏهن ته خط جي ذريعي به هنن کي مڪمل تفصيل فراهم ڪئي هئي.سندس چوڻ هو ته ان کان پوءِ مون سفيرن سان هڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن ان سموري صورتحال کان لاعلمي جو اظهار ڪيو جنهن تي مون هنن کي ويڊيو ڪلپس به ڏيکاريون، هن مون کي چيو ته اسان کي وفاقي حڪومت کان هڪ اِشارو گهرجي جيئن اسان پنهنجي حڪومت کي متحرڪ ڪري سگهون.سنڌ جي وڏي وزير موجب هن انهيءَ ڏينهن وزير اعظم کي هڪ ٻيو خط لکيو ۽ سفيرن بابت آگاهه ڪيو پر اُهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن ان خط جو ڪو به جواب ناهي مليو ۽ اڄ صبح ئي هن جي هڪ سفير سان ملاقات ٿي جنهن ۾ سفير ٻڌايو ته ان سان به هن وقت تائين رابطو ناهي ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *