ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)بلديات کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته برسات تمام گهڻي هئي، گهڻن علائقن ۾ صفائي ڪرڻ کانپوءِ به ڪٿي ڪٿي پاڻي موجود آهي. ڏيڍ سال اڳ نالن ۽ حد دخلين خلاف ڪم شروع ڪيو هو. شهر جي جيڪا پهرين صورتحال هئي هاڻي ايئن نه آهي. پاڻي گهڻن علائقن مان صاف ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت گجر نالي کي 80 فٽ ويڪرو ڪيو آهي. محمود آباد نالي کي پڻ ويڪرو ڪيو جنهن ڪري شاريع فيصل تي هاڻي پاڻي نه ٿو بيهي. هن چيو ته اسان کي مختلف جڳهين تي ڏکائيون آهن. هن چيو ته حج جي فلائٽن کي به نه روڪيو ويو ، اولڊ سٽي علائقي ۾ به ڪم ڪيو آهي. ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۾ 9 جاين تان پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عيد جون موڪلون ختم ڪندي سڀاڻي به ڪم ڪيو ويندو. اسان جي ڪوشش آهي ته ماڻهن کي گهٽ کان گهٽ تڪليفون پهچن.