ڪراچي( پ ر) ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي سيد ناصر عباس چيو آهي ته برساتن سبب پيش ايندڙ ڪنهن به ڏکيائين کان بچڻ لاءِ سيوريج جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي پاران گلستان جوهر بلاڪ 6 ۾ ڪمرشل ۽ رهائشي پلاٽن تي جاري ترقياتي ڪمن جي دوري دوران ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي سان گڏوگڏ EXN گلستان جوهر، چيف انجنيئر رام چند ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. EXN گلستان جوهر پاران ڊائريڪٽر جنرل سيد ناصر عباس کي جاري ترقياتي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل سيد ناصر چيو ته حالڳه برساتن کي نظر ۾ رکندي انجنيئرنگ جي عملي کي الرٽ رکيو وڃي ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ انهن کي طلب ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته امڪاني برساتن سبب ڪي ڊي اي جي سمورين اسڪمين ۾ نيڪالي واري نظام کي بهتر ڪيو وڃي. ڊائريڪٽر جنرل سيد ناصر عباس جاري ترقياتي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته شهرين کي رهائشي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ صفائي واري نظام کي پڻ بهتر ڪيو وڃي.ڍ