ڪراچي: م ڊ) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته بدقسمتي سان حڪومت جو سمورو ڌيان سياسي انتقام تي آهي.پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري دهشتگردي سبب متاثر خاندانن سان همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي بلوچستان ۾ دهشتگردي جي لهر تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.آصف زرداري چيو ته معصوم ۽ بي گناهه ماڻهن جو قتل وحشياڻو عمل آهي. آصف زرداري چيو ته بدقسمتي سان حڪومت جو سمورو ڌيان سياسي انتقام تي آهي. رياست جي ذميواري آهي ته هو شهرين جي حفاظت کي يقيني بنائي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن مني مارڪيٽ ۾ مسجد کان ٻاهر نمازين جي حفاظت جي لاءِ بيٺل وين کي امن دشمنن نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.