ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مشرف جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي.حڪومت ڪورونا بدران مخالف ڌر سان وڙهي رهي آهي. پ پ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائره آصف زرداري سان فون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ ڪورونا وائرس، سياسي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي اڳوڻي صدر چيو جڏهن 2008 ۾ اقتدار مليو ته ملڪ دهشتگردي ۽ منافقت جو شڪارهو، اسان قومي اتفاق راءِ سان سوات آپريشن ڪري امن بحال ڪرايو. اڳوڻي صدر چيو ته اسان آئين ۾ ترميم ڪري صوبن کي حق ڏنا، موجوده حڪمران صوبن کان آئيني ۽ مالياتي اختيار گهٽ ڪرڻ چاهين ٿا.هن چيو ته حڪمرانن آئين سان ڇيڙڇاڙ ڪري صوبن کان حق کسي ڇڏيا ۽ قومي اتفاق راءِ بدران ملڪ کي برباد ڪري ڇڏيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان اهو چوڻو پوي ٿو ته حڪومت ڪورونا سان وڙهڻ جي بجاءَ اپوزيشن سان وڙهي رهي آهي. جڏهن ته ڪورونا جي حوالي سان ايندڙ وقت وڌيڪ مشڪل آهي ان لاءِ قومي اتفاق راءِ ضروري آهي.