بدقستي سان پاڪستان تي دهشتگردي خلاف جنگ مڙهي وئي آهي: خورشيد شاهه

سکر ( بيورو ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته بدقستي سان پاڪستان تي دهشتگردي خلاف جنگ مڙهي وئي آهي. سکر ۾ پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته  ننڍي کنڊ ۾ پوليس جو نظام ۽ قانون الڳ الڳ آهي جنهن کي هڪ هئڻ گهرجي. هن چيو ته شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا جن امن لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. سندس چوڻ هو ته 64 هزار پاڪستانين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن. خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان ڪيتري ئي وقت کان دهشتگرديءَ جو شڪار ملڪ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *