بدعنوان سماج جا ڪرپٽ ماڻهو!

February 8, 2017 at 10:03 pm

عاجز جمالي

(حصو پهريون)

ننڍي هوندي اَن ڇڙهي پيسجڻ لاءِ هڪ مشين ۾ وجهڻ جو منظر ياد اچي پيو. پٿر جي چڪيءَ جي ٻن پڙن ۾ اَنَ کي پيهڻ جي هيءَ هڪ جديد شڪل هئي. ڊيزل تي هلندڙ هِن چڪيءَ ۾ اَنُ وجهي مشين هيٺان ٻوري جهلبي هئي، جنهن ۾ اٽو پوندو هو. اهڙي ئي منظر جهڙي هڪ ٻي تصوير منهنجي آڏو آهي، جيڪا سورهين صديءَ جي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿي. هيءَ تصوير خاڪو آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته ”اٽي جي مشين ۾ ماڻهو کي پيسيو پيو وڃي. هيٺيان سِڪا نڪري رهيا آهن، جيڪي حڪمران ميڙي رهيا آهن.“ هي خاڪو برطانيا جي مشهور پروفيسر ”مارڪ نائٽس“ جي ڪرپشن بابت لکيل ڪتاب ۾ ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سورهين صديءَ ۾ عوام کي پيڙهي ان جي جسم مان ٽئڪس جو نظام ٺاهيو ويو. پروفيسر مارڪ نائٽس (Prof Mark Knigtts) برطانيا جي مشهور يونيورسٽي ”واروِڪ يونيورسٽي“ جو پروفيسر آهي. دنيا ۾ وڌندڙ ڪرپشن (بدعنواني) بابت ”پروفيسر مارڪ نائٽس“ لکي ٿو ته ڪرپشن رڳو اڄ جو سوال ناهي پر سورهين سترهين صديءَ کان وٺي اڄ تائين نوان روپ اختيار ڪندي رهي آهي. ان ئي ڪتاب ۾ هڪ ٻيو خاڪو ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ انسان کي پريس جهڙي مشين ۾ وڌو ويو آهي، اها مشين ٽئڪسن ۽ قرضن جي مشين آهي. هن مشين کي ”ٽئڪس مشين“ جو نالو ڏنو ويو آهي. هي تصويري خاڪو سترهين صديءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. سترهين صدي جڏهن دنيا ۾ سرمائيداري نظام جو جنم ٿي رهيو هو. بدعنواني (ڪرپشن) بنيادي طور تي انساني جبلت آهي، جيڪا ماڻهوءَ جي ڪجهه خصلتن سان ڳنڍيل آهي، جن ۾ بيماني، ڪوڙ، ڪم چوري، لاپرواهي، لالچ وغيره شامل آهن.

ويگن ماڻهن سان سٿيل هُجي، هر اڏي تي ماڻهن جا انبوهه هُجن، ڇو ته رات جو وقت هُجي ۽ گهڻي دير کانپوءِ مشڪل سان ننڍي بس صدر کان قائد آباد ڏانهن وڃي رهي هئي. بس جو ڪنڊيڪٽر هر ماڻهوءَ کان ويهه روپيا ڀاڙو وٺي رهيو هو، ماڻهو ڦڏو ڪري رهيا هئا ته ڀاڙو ته پندرهن روپيا آهي. پوءِ وري ويهه روپيا ڇو ٿو ڪاٽين؟ لهجي ۾ انتهائي بداخلاق قسم جو بس ڪنڊيڪٽر هر ماڻهوءَ کي اهو چئي رهيو هو ته ڀاڙو پندرهن روپيا وٺندس، هلڻو آهي ته هلو يا ته لهي وڃو. هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي راءِ ڏيئي رهيو هو پر هر ڪو واڌو پنج روپيا قربان ڪري رهيو هو. مان سوچي رهيو هوس ته هي به ننڍي سطح تي بدعنوانيءَ جو هڪ مظهر هو. اقتصادي ٻوليءَ ۾ ننڍي ننڍي سطح جي ڪرپشن وڏي ڪرپشن جو حصو بڻجي ٿي. مثال بس ۾ سوار هر ماڻهوءَ کان پنج روپيا واڌو ورتا ويا، پنجاهه کن ماڻهن کان پنج پنج روپيا وٺندي ڪُل اڍائي سئو روپيا ورتا ويا هئا ۽ ساڳي بس واپسي تي به قائد آباد کان صدر اچي ته هڪ چڪر ۾ هُن ماڻهن کان 15 روپيا ڀاڙو وٺڻ بدران 20 روپيا وٺي 1500 روپين کي 2000 روپين ۾ تبديل ڪيو ۽ انهيءَ بس جيڪڏهن روزانو ڏهه چڪر هنيا هوندا ته هڪ ڏينهن ۾ عوام جي کيسي مان 5 هزار روپين جو زوري ڌاڙو هنيو هوندو. هاڻي واڌو پنج هزار روپين مان ڪجهه حصو لازمي آهي ته بدعنواني ڪندڙ ڪنڊيڪٽر، ڊرائيور يا بس جي عملي جي کيسي ۾ ويو هوندو ۽ ڪجهه حصو بس جي مالڪ ڏانهن ويو هوندو. هي عمل سماج ۾ عام ماڻهن جي بدعنوانيءَ جو مظهر آهي، جنهن سبب اڳتي هلي سڄو سماج بدعنوان بڻبو آهي.

اوهان ڏٺو هوندو ته پيٽرول پمپ تي جڏهن گاڏي بيهي پيٽرول، گئس يا ڊيزل وجهرائي ٿي، جڏهن ميٽر کي ڏسبو ته 541 روپيا لکيل ايندو. اوهان جيڪڏهن هزار روپين جو نوٽ ڏنو ته اوهان کي واپسي تي 450 روپيا ملندا. مطلب ته روپئي کان وٺي 9 روپين تائين ڪو حساب ڪتاب ڪونهي. گراهڪ به هروڀرو بحث نه ڪندو آهي. ڪراچيءَ ۾ لکين ماڻهو روزانو گاڏين ۾ تيل وجهرائين ٿا. منهنجي مشاهدي مطابق پيٽرول پمپن تي واڌو پئسن جي صورت ۾ روزانو ڪروڙين روپيا وصول ٿين ٿا. اها صورتحال صرف ڪراچيءَ جي نه پر سڄي ملڪ جي آهي. هي پڻ سماجي ڪرپشن جو مثال آهي. بئنڪ ۾ بل يا ٽئڪس پيئارڻ ٿو وڃجي، ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ ڏيتي ليتي ڪرڻ ٿا وڃو، ڪنهن هوٽل تي ماني ٿا کائو، ڪٿي به واڌو رپئي ٻن روپين بابت ڪو نه سوچيندا آهيو، اوهان کي خبر ئي ناهي ته اوهان جو بل جيڪڏهن 56 روپيا هو ته اوهان کان سٺ روپيا ڪٽيا ويا. اوهان سئو جي نوٽ مان واپس مليل چاليهه روپيا کيسي ۾ وجهي ماٺ ڪري هليا ويا. تصور ڪريو ته پاڪستان جي آبادي ڏهه ڪروڙ آهي، ان ۾ پنج ڪروڙ مرد آهن، جن ۾ جيڪڏهن روزانو هڪ ڪروڙ ماڻهو ڪٿي واڌو هڪ روپيو ڏئي ٿو ته اُهو ماهوار ٽيهه ڪروڙ روپيا بڻجي ٿو ۽ ساليانو ٽي ارب 60 ڪروڙ روپيا بڻجي ٿو. يعني هن ملڪ ۾ هر سال اربين روپيا اهڙي بدعنوانيءَ جي ور چڙهن ٿا، جنهن جو ڪٿي ڪو به رڪارڊ ناهي پر هي بنيادي طور سماجي بدعنواني يا سوشل ڪرپشن آهي، جنهن ۾ عام ماڻهو هٿ ونڊائي ٿو. جيڪڏهن ٿورو پوئتي سوچيون ته ان جي شرح بلڪل گهٽ هئي. اهو ڪيئن ڀلا؟ اوهان کي ياد هوندو ته اڳي رپئي جي ڳڻپ هڪ رپئي جي نوٽ سان شروع ٿيندي ئي ۽ رپئي جي نوٽ جي اهميت هوندي هئي. ان زماني ۾ ئي پئسي يعني سِڪي جي ڳڻپ هڪ پئسي کان شروع ٿيندي هئي. هڪ پئسو، ٻه پئسا، پنج پئسا، ڏهه پئسا هوندا هئا.

”ڇهه ڇهه پئسا ٻه ٻه پايون“ (ٻاراڻو نظم)

ان کانپوءِ پاولي هوندي هئي، اٺ آنا هوندا هئا ۽ آخر ۾ روپيو هوندو هو پر سرمائيداراڻي نظام ڪمال سان آهستي آهستي ننڍا ننڍا سڪا ۽ ننڍا ننڍا نوٽ ختم ڪيا. اڄ اسان وٽ ننڍي ۾ ننڍو سڪو پنج روپين جو عام طور نظر اچي پيو ۽ ننڍي ۾ ننڍو نوٽ ڏهه روپين جو نظر اچي پيو. مطلب هڪ آني کان وٺي سورهن آنن (هڪ روپيو) تائين حساب گُم ۽ هڪ روپئي کان وٺي ڏهه روپين تائين وچ جو سڄو حساب گُم. پر دلچسپ ڳالهه ته سرڪار جي ٽئڪس نظام ۾ اڄ به هڪ پئسو، هڪ روپيو جيئرا آهن. اوهان باٽا ڪمپني جا جوُتا ضرور ڏٺا هوندا، جن جي قيمت 99 روپيا 90 پئسا، 195 روپيا 95 پئسا، 999 روپيا 90 پئسا جي ترتيب سان لکيل ملندي. ڇو ته ٽئڪس جو دائرو 99 روپين تائين هوندو يا 9900 تائين هوندو. هر سئو روپين کان مٿي ٽئڪس وڌيڪ ورتو ويندو هوندو. 195 روپين وارو جوتو عوام کي ته لازمي آهي 200 روپين ۾ ئي ملندو پر ان تي ٽئڪس 100 کان 200 تائين جي وچ وارو ملندو. اهڙي ريت سڄي ڪاروبار تي عوام جي استعمال ۾ ايندڙ هر شيءِ تي سرڪار ٽئڪس ائين پئي وٺي، جيئن مون پهرين تصويري خاڪي جو ذڪر ڪيو.

پروفيسر مارڪ نائٽس، ڪرپشن بابت لکيل پنهنجي مقالي ۾ چوي ٿو ته ”ڪرپشن ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. هڪ ذاتي خواهشن آڌار، جڏهن ڪرپٽ ماڻهو ڪرپشن کي پنهنجو حق سمجهي ٿو ۽ ٻيو اهو جيڪو دولت، عياشي، سٺي زندگي، مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪرپشن ڪري ٿو.“ هن ان ۾ ماڻهن جا مختلف قسم به ڏيکاريا آهن. فيس بوڪ تي ڪنهن دوست اهو سوال رکيو ته ”ڪرپشن ڪڏهن کان شروع ٿي آهي؟“ هي سوال ئي عجيب آهي پر سوچجي ته ماڻهوءَ جي وجود کان وٺي انساني جبلت موجود آهي، جيئن مون شروعات ۾ لکيو ڪنهن به قسم جي بدعنواني اڪيلي سر ناهي. ماڻهوءَ جو ڪوڙ، بيماني، مڪاري، ذاتي مفاد، ٺڳي، ٻئي کي گهٽ سمجهڻ، ٻئي جهڙو بڻجڻ يا اهڙيون خواهشون پوريون ڪرڻ جيڪي عام طور تي وس ۾ نه هُجن، اُهي سڀ گڏجي کيس بدعنوانيءَ جو رستو ڏيکارين ٿيون. ڪو ماڻهو ڪوڙو نه هُجي، بيمان نه هُجي ته اُهو بدعنوان ڪيئن ٿي سگهي ٿو پر جي ڪو ماڻهو بدعنواني ڪري سگهي ٿو ته اُهو ڪوڙ به ڳالهائي سگهي ٿو، بيماني ۽ ٺڳي به ڪري سگهي ٿو.

1990ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ وڏو سنڌي آفيسر ايماندار آفيسر طور ڏاڍو مشهور هو. ساڳئي وقت هو سنڌ دوست ماڻهو پڻ هو. منهنجي به ساڻس سنگت هُئي. همراهه سڄو ڏينهن نيڪيءَ جا به درس ڏيندو هو. کانئس ڪنهن سمريءَ جي فوٽو ڪاپي گهربي هُئي ته مُحب وطني جا درس ڏيندي چوندو هو ته اها ته سرڪاري نوڪريءَ جي حلف ۾ بدديانتي ۽ بيماني هوندي، مان اوهان کي ڪو سرڪاري راز ڪيئن ٿو ٻڌائي سگهان. همراهه نماز به پڙهندو هو، روزا به رکندو هو پر جي ٻڌندو هو ته فلاڻو آفيسر شراب پئي ٿو ته سڄو ڏينهن توبهه توبهه ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مان ته کيس هٿ به نه ڏيندس. ڪنهن لاءِ جنسي عياشيءَ جي ڪا ڳالهه ٻڌندو هو ته وڏا وڏا مذهبي حوالا ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته فلاڻو ته سڌو سڌو جهنم ۾ ويندو پر اهڙين خوبين وارو همراهه آفيسرن جي بدلين تي به رشوت وٺندو هو ته سرڪاري ٺيڪن ۾ به رشوت وٺندو هو. هڪ دفعي کيس پنهنجي آفيسر دوست چيس قبلا ڳالهه ته ساڳي آهي، اسين شراب ٿا پيئون، تون پئسا ٿو وٺين. پر همراهه چوندو هو ته نه سائين اها بدعنواني ناهي، اها ته منهنجي ڪميشن آهي. ڪميشن ته سڄي دنيا ۾ هر ڪاروبار ۽ هر وهنوار تي مقرر آهي. هاڻي اوهان اندازو ڪري سگهو ٿا ته اسان جي سماج ۾ ماڻهو بدعنوانيءَ جي وڪالت ڪهڙيءَ ريت ڪن ٿا.

سنڌ ۾ وڌندڙ ڪرپشن ۽ سڄي سماج کي ڪرپشن جي آخري ڏهاڪي تائين پهچائڻ جي ڪهاڻي به ڪا نئين ناهي، پاڪستان ٺهڻ کان وٺي بلڪه ان کان اڳ به ڪرپشن جا قصا موجود آهن پر جيڪا حالت اڄ آهي، سا ڪڏهن به ڪا نه ڏٺيسين. اڄ اسان جو سڄو سماج ڪرپٽ يا بدعنوان بڻجي ويو آهي، ان ڪري بدعنوان حڪمرانن لاءِ ڪو چئلينج ئي ناهي. عوام جي کيسي مان پنج روپيا لٽيندڙ بس ڪنڊيڪٽر ڀلا اربين روپيا لٽيندڙ حڪمران کي ڪيئن چئلينج ڪري سگهي ٿو. منهنجي اها راءِ بڻجي رهي آهي ته اسين سڀ ڪرپٽ سماج ۾ رهون ٿا. دنيا ۾ حڪومتون ڪرپٽ هونديون آهن ۽ عوام ڪرپٽ حڪومتن جو گهيراءُ ڪري انهن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪندو آهي پر جتي سڄو معاشرو ئي ڪرپشن تي ڀاڙڻ لڳي ته پوءِ اهو سماج حڪمرانن وانگر ئي مصلحت پسند بڻجي ويندو آهي. اڄ سنڌي سماج يا پاڪستاني معاشري جي به لڳ ڀڳ اهڙي حالت آهي، جتي ڪرپٽ حڪمرانن، ڪرپٽ حڪومتن پنهنجي ڪرپشن خاطر اسان سڀني کي پنج روپين جي ڪرپشن ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي.

مضمون جي اڳئين حصي ۾ اسان جي سماج ۾ بدعنوانيءَ جي وڌندڙ شرح تي بحث ڪبو پر سورهين صديءَ جي ڀيٽ ۾ اڄ اسين سڀ ڪرپٽ بڻجي ويا آهيون. اسين سڀ ڪنهن حد تائين بدعنوان آهيون.   (جاري)

***

اي پيپر