اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي رهواسين کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته هن سال ئي فيصلي تي عمل ڪرايو ويندو. جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ لارجر بئنچ بحريا ٽائون ڪراچي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. شروعات ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته ايم ڊي اي طرفان سهڪار نه ڪرڻ جي دانهن ملي آهي، نيب طلبي نوٽيس جاري ڪيا هئا ڪو شادي جو دعوت نامو نه ڏنو هو، ان کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪهڙي ريت ماڻهو کي گهرائڻو آهي. عدالت سنڌ حڪومت کي نيب سان سهڪار جو حڪم ڏيندي چيو ته صوبائي حڪومت نيب سان سهڪار ڪري، جڏهن ته نيب کي به پنهنجي اختيارن جو علم هجڻ گهرجي. عدالت عظميٰ نيب کي حڪم جاري ڪيو ته اداري سان سهڪار نه ڪرڻ خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. جسٽس شيخ عظمت سعيد بحريا ٽائون جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کي هدايت ڪئي ته هو ڪيس بابت عدالتي فيصلو پڙهي، جنهن تي سينيئر وڪيل عدالتي فيصلو پڙهڻ شروع ڪيو. جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته درخواستن مان لڳي پيو ته نڪاح ٿي ويو آهي پر رخصتي ناهي ٿي، ڪهڙو ريفرنس داخل ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙو نه اهو نيب جو ڪم آهي، عدالت جو ڪم رڳو فيصلي تي عمل ڪرائڻ آهي. بحريا ٽائون جي وڪيل اعتزاز احسن چيو ته نظرثاني درخواست خارج ڪندي عدالت هڪ حڪم جاري ڪيو هو ۽ نيب کي آزاد جاچ جو حڪم ڏنو هو، خدشو آهي ته نيب عدالتي مشاهدن سان متاثر ٿيندي. جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته عدالت اڄ وري نيب کي آزاد جاچ جو ئي حڪم ڏئي ٿي. عدالت نيب کي عدالتي آبزرويشن کان مٿانهون ٿي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ان خلاف درخواست به اُڪلائي ڇڏي. جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته نيب جي اڳڀرائي ڏسي ورتي آهي، معاملي کي ڳجهو رکڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي پر ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته کين نيب جي درخواست منظر تي اچڻ تي اعتراض ناهي. جسٽس شيخ عظمت سعيد ياد ڏياريو ته عدالتي فيصلي ۾ نئين سر زمين جي ڏي وٺ جو حڪم ڏنو ويو، خبر ناهي سنڌ حڪومت زمين جي ڏي وٺ چاهي ٿي يا نه، جنهن تي بحريا ٽائون جي وڪيل چيو ته فيصلي ۾ سوال اٿاريو ويو آهي ته مُلهه ڇا هوندو. جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته پئسا جمع ڪرائڻ لاءِ چونداسين نه ڪنهن کان فنڊ گهرنداسين، مارڪيٽ ريٽ موجب ئي زمين جي ڏي وٺ ٿيندي. وڪيل چيو ته بحريا ٽائون عدالت کي قيمت تجويز ڪري سگهي ٿو، جنهن تي جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته 2014 واري قيمت ڪنهن به صورت مقرر نٿي ڪري سگهجي ۽ زمين جي ڏي وٺ مارڪيٽ ريٽ تي ئي ٿيندي. هن ريمارڪس ڏنا ته اهو نه سوچيو ته ڪيس 2019 تائين ويندو پر هلندڙ سال جي پڄاڻي کان اڳ ئي فيصلي تي عمل ڪرائينداسين. جسٽس شيخ عظمت سعيد وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته بحريا ٽائون ڪيس جو فيصلو سنڌ جي حق ۾ ئي هوندو، عدالت رهواسين جو هر صورت ۾ تحفظ ڪندي. هن چيو ته بحريا ٽائون اشتهار ڏئي ماڻهن کان پئسا وٺي رهيو آهي، جنهن تي بحريا ٽائون جي وڪيل چيو ته عدالت حڪم ڏئي ته وڌيڪ پلاٽ وڪرو نه ڪنداسين. جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته بحريا ٽائون ذهن ۾ رکي ته عدالتي فيصلو ان جي خلاف ئي آيو هو. جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته نئين خريد ۽ وڪري تي اڳ ئي پابندي آهي، جيڪڏهن بحريا ٽائون پلاٽ وڪرو ڪيا ته عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿيندي، جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي. بحريا ٽائون جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته اسان جي اصيل 5 ارب رپيا گارنٽي طور جمع ڪرايا هئا، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته نظرثاني خارج ٿيڻ کانپوءِ عدالت جو عبوري حڪم ختم ٿي ويو، هاڻ قسطن جي سئو سيڪڙو رقم جمع ڪرائڻي هوندي. بحريا ٽائون جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته عدالت جمع ڪرايل 5 ارب رپيا واپس ڪري، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته عبوري فيصلي کانپوءِ جيڪا رقم بحريا ورتي، 5 ارب ان جي بدلي رکنداسين.27