اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بحريا ٽائون جي قبضي ۾ موجود غير قانوني زمين آجي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، گڏوگڏ عدالت ڪي فور منصوبي ۾ بي ضابگين ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ادائگي واري رقم بابت نيب کي الڳ الڳ ريفرنس داخل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي. جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ بحريا ٽائون ڪراچي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران نيب طرفان جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ الاٽيز جي وڪيل خواجا طارق رحيم چيو ته عدالت زمين جي قيمت مقرر ڪري، جيڪا قيمت مقرر ٿيندي اسان ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن قيمت مقرر ڪئي ته ريٽ 2019 جو مقرر ٿيندو. ٻڌڻي دوران سپارڪو جي وڪيل چيو ته عدالتي حڪم تي جي ايم سپارڪو ۽ سڄي ٽيم هتي موجود آهي، اسان 29 نومبر جي عدالتي حڪم تي 2 نقشا جمع ڪرائي ڇڏيون ٿا. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته بحريا ٽائون ڪراچي جا جاچ آفيسر عدالت موجود آهن، گڏوگڏ هن عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي. نيب طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ بحريا ٽائون جي قبضي ۾ غير قانوني زمين ۽ ڪي فور منصوبي ۾ بي ضابطگي جي نشاندهي ڪئي وئي. عدالت کي جاچ آفيسر ٻڌايو ته نيب بحريا ٽائون ڪراچي بابت جاچ مڪمل ڪري ڇڏي آهي، هاڻي ريفرنس منظوري لاءِ موڪليو ويندو. جاچ آفيسر ٻڌايو ته سروي رپورٽ ۾ بحريا ٽائون جي قبضي ۾ 25 هزار 601 ايڪڙ ايراضي آهي، جڏهن ته 2012 جي سروي موجب 12 هزار 156 ايڪڙ ايراضي بحريا ٽائون وٽ هئي . ان تي عدالت طرفان ريمارڪس ڏنا ويا ته بحريا ٽائون بابت فيصلي ۾ جسٽس فيصل عرب جي واڌو نوٽ ۾ ان ايرضي جي قيمت مقرر ڪئي وئي، 2014 جي مُلهه موجب 7068 ايڪڙ ايراضي جو ڪاٿو 225 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. ان تي بحريا ٽائون طرفان ايراضي جي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ وقت گھريو ويو، جنهن تي عدالت 7068 ايڪڙ ايراضي جي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ بحريا ٽائون کي وقت ڏنو. ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته نيب جي رپورٽ موجب 25 هزار 601 ايڪڙ ڪُل ايراضي آهي، جنهن مان 7 هزار 220 ايڪڙ غير قانوني طور تي 2015 ۾ بحريا ٽائون کي منتقل ٿي، ان تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته ان غير قانوني ايراضي بابت بحريا ٽائون جو جواب آهي ته اها قبضي جي زمين نه آهي، جنهن تي عدالت حڪم ڏنو ته سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان ايراضي جو قبضو ڇڏرائن، ان سان گڏ عدالت حڪم ڏنو ته 59 غير قانوني ٽيوب ويل ۽ زمين جي خريد توڙي وڪري جي رقم جي ادائگي بابت نيب ڪارروائي ڪري ۽ ان سلسلي ۾ ڌار ريفرنس داخل ڪري. جسٽس عظمت سعيد وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ريفرنس داخل نه ٿيو ۽ عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته نيب خلاف ڪارروائي ڪنداسين. عدالت نيب جي رپورٽ ۾ معاملو سامهون اچڻ تي ڪي فور منصوبي جي روٽ کي به نيب ۽ لاڳاپيل ادارن کي ڏسڻ ۽ ان ۾ به الڳ ريفرنسز داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ چيو ته ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي) جي 3 منصوبن جي ڏيڍ ارب رپين جي ادائگي واري رقم جي معاملي کي به نيب ڏسي ۽ پنهنجي ڪارروائي بابت عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري، ان کان پوءِ عدالت ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.