بحريا ٽائون عملدرآمد ڪيس ۾ مارڪيٽنگ ڪمپني جي سي اي او جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بحريا ٽائون عملدرآمد ڪيس ۾ مارڪيٽنگ ڪمپني پرزم جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر (سي اي او) جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته ٻين 2 مارڪيٽنگ ڪمپنين ٽرائي اسٽار ۽ ڪوسموس ريلٽور کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ بحريا ٽائون عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران ايڊووڪيٽ اظهر صديق عدالت کي ٻڌايو ته بحريا ٽائون جي وڪيل علي ظفر جو ڀاءُ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ان تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته اڄوڪي ٻڌڻي رد ٿا ڪيون، پر ان دوران جسٽس عظمت سعيد پرزم جي سي اي او جي عدم حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ضرورت پئي ته پرزم مارڪيٽنگ ڪمپني وارن کي رينجرز ۽ ايف آءِ اي ذريعي گهرايون.  گڏوگڏ ئي عدالت پرزم جي سي اي او جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته ٻين 2 مارڪيٽنگ ڪمپنين ٽرائي اسٽار ۽ ڪوسموس ريلٽور کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد ڊپٽي ڪمشنر ملير کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان عدالتي حڪم تي سرڪاري ايراضي ڇڏرائي آهي، جنهن تي هن جواب ڏنو ته 1 هزار 4 سئو 54 ايڪڙ ايراضي خانگي ملڪيت آهي جڏهن ته 1800 ايڪڙ ايراضي 30 سالن جي مدي جي ليز تي ڏني وئي هئي، جنهن جي ليز 2017ع ۾ ختم ٿي چڪي، ليز تي ڏنل ڪل ايراضي 3 هزار 8 سئو ايڪڙ آهي. هن ٻڌايو ته 1 هزار 7 سئو 97 ايڪڙ سرڪاري ايراضي ڇڏرائي آهي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد هن کان پڇيو ته توهان پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو. ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد سروي آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر ڪراچي کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جو نقشو ڏسي ورتو آهي، بحريا ٽائون کي هڪ ڏينهن معصوم بڻجڻ ڏيو. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته بحريا ٽائون پنهنجي سمورن اڪائونٽن جي فهرست عدالت ۾ جمع ڪرائي، اڳتي لاءِ ان معاملي ۾ وڌيڪ التوا نه ٿيڻ ڏينداسين، جيڪڏهن هڪ ٻه وڪيل به آيا ته فيصلو ٻڌائي ڇڏينداسين، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *