ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، بلديات، مذهبي معاملن، هائوسنگ ٽائون پلاننگ ٻيلن ۽ جھنگلات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته بجيٽ جي دوران هلڙ بازي اپوزيشن جي هڪ روايت بڻجي هي آهي ۽ سنڌ اسميبلي جو اجلاس ورچوئل گھرائڻو هو پر اپوزيشن پنهنجي رويت برقرار رکڻ لاءِ ائين ٿيڻ نه ڏنو. اها ڳالھ هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪئي. سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته وفاقي حڪومت پنيل واري حڪومت آهي ۽ هڪ غير مستحڪم حڪومت آهي. پر اها مسلسل سنڌ حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته وفاق جا چند وزير هميشه شور گل ۽ تنقيد برائي تنقيد جي سياست ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسيمبلي ۾ 25 سيڪڙو حاضري رکي وئي هئي. اهڙي ريت اپوزيشن کي پنهنجي حسرت پوري ڪرڻ جو موقعو مليو سيد ناصر حسين شاھ چيو ته ٿي سگھي ٿو ايندڙ اجلاس ورچوئل هجي. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته وزير اعظم جو صوبي سنڌ جو دورو هو ان ۾ هن باضابطا طور تي وزير اعليٰ سنڌ جي ملاقات جو شيڊيول ئي نه رکيو هو. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته ٿي سگھي ٿو ته سيد ناصر حسين شاھ چيو ته وزير اعظم سنڌ جي دوري تي جڏهن به ايندو آهي وزير اعليٰ سنڌ پاڻ ان کي وٺڻ ويندو آهي پر هن ڀيري جيڪو پلان اسان کي اُماڻيون ويو هو ان ۾ اهڙو ڪجھ به لکيل نه هو جنهن جيڪري وزير اعليٰ سنڌ وڃي نه سگھيو. هن چيو ته هميشه هو کيس وٺڻ ويندو هو ڇو ته هو اها پنهنجي آئيني ذميواري سمجھندو آهي پر هن ڀيري اھا ڳالھ ان پلان ۾ لکيل ئي نه هئي. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته سنڌ حڪومت کي گذريل سال 230 ارب روپيا وفاق کان گهٽ مليا اهڙي ريت هن سال به اهڙي ئي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون ان جي باجود به سنڌ حڪومت پنهنجا خرچ گهٽ ڪندي غريب ماڻهن جو خيال رکيو آهي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زداري جي هدايت تي پگھار ۽ خاص طور تي پينشن ۾ واڌارو ڪيو آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي هڪ عوامي پارٽي آهي ۽ کيس عوام جو خيال آهي. ان ڪري جو ان جون پاڙون عوام ۾ آهن ۽ هميشه عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندي رهي آهي. ان ڪري اسان هڪ عوامي بجيٽ پيش ڪيو آهي جنهن ۾ پنهنجي وسيلن کي نظر ۾ رکندي عوام جو خيال رکيو ويو آهي