اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ نئين مالي سان 18-2017 جي بجيٽ اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مخالف ڌر گوڙ شروع ڪيو ۽ احتجاج ڪيو. مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر مائڪ ئي بند ڪرائي ڇڏي. گوڙ ڪرڻ تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته منهنجي خيال ۾ خورشيد شاهه صاحب کي ڪجهه دير ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي. تنهن تي خورشيد شاهه چيو ته مون کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيو. اجلاس کان اڳ قومي اسيمبلي سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته تاڙيون وڄائي بجيٽ اجلاس کي تنگ نٿو ڪرڻ چاهيان. مختصر ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي. هارين اسلام آباد ۾ احتجاج لاءِ آيا هئا جنهن سبب مون کي وڃڻو پيو. هن چيو ته قيامت ناهي اچي رهي جڏهن ته هاري ريڊ روزن کان ٻاهر هئا. اسان جو احتجاج جو ڪو به پروگرام نه هو.