اسلام آباد(بيورو) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ناڻي واري وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ايندڙ اجلاس تائين رد ڪئي وئي، ذريعن موجب اجلاس دوران پاور ڊويزن ۽ نيپرا کي 5 سالن جي طويل اسٽريٽجي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ان کان سواءِ پاور ڊويزن ۽ نيپرا مان غريب ۽ هيٺين طبقي تي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ بابت تجويزون طلب ڪيون ويون. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اي سي سي توانائي ڊويزن جي ايل اين جي ٽرمينل ۽ ايل اين جي معاهدن بابت رپورٽ رد ڪندي معاهدن باتب گڏيل ۽ مڪمل رپورٽ تيار ڪري ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي