بجلي بحران تي سنڌ سان تڪرار ناهي، سوئي سدرن ڪي اليڪٽرڪ کي گهربل گئس فراهم ڪندي: وزيراعظم

ڪراچي (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو اهي ته بجلي جي بحران تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ ڪوبه تڪرار نه آهي اسان گڏجي شهر جا سمورا مسئلا خاص ڪري پاڻي ۽ بجلي جو بحران حل ڪنداسين ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گئس وچ ۾ جاري مسئلا حل ڪرائي ڇڏيا آهن ڪي اليڪٽرڪ کي جيتري گئس جي ضرورت پوندي اها سوئي سدرن گئس ڪمپني کيس فراهم ڪندي ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو بجلي جا بل ادا ڪرڻ سان مشروط آهي شهر ۾ پاڻي ۽ بجلي ٻئي ملندا جڏهن ته پهريان بجلي ڏانهن ڌيان ڏنل آهي ڇو ته پاڻي جي فراهمي به بجلي سان مشروف آهي حڪومت جو ڪي اليڪٽرڪ کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي جيڪڏهن سنڌ حڪومت چوي ته وفاق گرين لائين منصوبي کي بسون ڏيڻ لاءِ تيار آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي گورنر هائوس ۾ وفاقي ڪابينه جي توانائي بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ان موقعي تي سنڌ جو گورنر محمد زبير، وڏو وزير سيد مرادعلي شاهه، توانائي جو وفاقي وزير اويس لغاري ۽ ٻيا موجود هئا ان کان اڳ وزيراعظم جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينه ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني وچ ۾ گئس فراهم ڪرڻ ۽ رهتن جي تڪرار جي حوالي سان تفصيلي غور ڪيو ويو اجلاس ۾ ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي سببن جو جائزو به ورتو ويو ۽ تفصيلي مشاورت کان پوءِ ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي گئس وچ ۾ موجود مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي به جوڙي ويئي اجلاس ۾ سوئي سدرن گئس ڪمپني ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي عملدارن پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪيو اجلاس ۾ محمد زبير، مفتيٰ اسماعيل، اويس لغاري، ڪي اليڪترڪ ۽ سوئي گئس ڪمپني جا عملدار ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيوت ه ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني وچ ۾ مسئلو حل ڪري ڇڏيو سوئي گئس ڪمپني کي هدايت ڪئي ويئي ته هو ڪي اليڪترڪ کي ضرورت مطابق مڪمل گئس فراهم ڪندي ۽ هن گئس فراهمي جي شروعات ڪئي ويئي آهي هن چيو ته بجلي جي بحران جي حوالي سان وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ ڪوبه تڪرار نه آهي ڪي اليڪٽرڪ نيپرا جي ٽيرف مطابق هلي ٿو هاڻي ڪراچي وارن کي بجلي به ملندي ۽ پاڻي به ملندو ڪي اليڪٽرڪ کي هدايت ڪئي ويئي ته هو ڪراچي کي معمول مطابق بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي ۽ لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن وزيراعظم چيو ته ڪي اليڪٽرڪ اجلاس ۾ ٻڌايو ته ان جو ڪوبه پلانٽ بند نه آهي هن چيوت ه ڪي اليڪٽرڪ جو وفاق سان به ڪوئي مسئلو نه آهي ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين ادارن وچ ۾ رهتون ادا ڪرڻ واري مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ مفتيٰ اسماعيل کي ذميواري ڏني ويئي آهي ته هو هي مسئلو ايندڙ 25 ڏينهن ۾ حل ڪرائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *