اسلام آباد(بيورو چيف): وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته بجلي جي اگهن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ بجلي جي اگهن ۾ ممڪن گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبابندي جو وزير اسد عمر، توانائي جي وزير عمر ايوب، بحري معاملن بابت وزير سيد علي حيدر زيدي، خزاني جي مشير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، خاص مددگار نديم بابر، لاڳاپيل وفاقي سيڪيريٽري ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ بجلي جي اگهن ۾ ممڪن گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو جڏهن ته وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته توانائي جو شعبو ملڪي معيشت جي ترقي ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، واهپيدار ۽ صنعتن کي مناسب اگهه تي بجلي ڏيڻ، توانائي جي شعبي ۾ اصلاح ۽ ان ۾ ٿيندڙ نقصانن تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهن.وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضيءَ جي حڪومتن پاران ڪيل معاهدن، اٿندي انتظامي اصلاحن کي پوئتي ڌڪڻ ۽ ورهاست جي شعبي ۾ نقصانن کي نظرانداز ڪرڻ سبب توانائي جي شعبي ۾ اڄ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو پوي ۽ ان جو ٻوجهه عوام کي برداشت ڪرڻو پيو پوي.وزيراعظم چيو ته هڪ کان 300 يونٽس تائين استعمال ڪندڙ صارف ۽ ڪمزور طبقي کي ممڪن حد تائين رليف ڏئي رهيا آهيون، باقي عوام جي مشڪلاتن جو چڱيءَ طرح اندازو آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته بجليءَ جي اگهن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي ۽ جيترو ٿي سگهي عوام کي رليف ڏنو وڃي.