باھ جي شعلن ۾ سڙِي خاڪ ٿيل شھر جي ڪهاڻي

اسان جو ڪجهه ناهي بچيو! اهي لفظ هئا باھ جي شعلن ۾ جلندڙ آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي هڪ ڪائونٽي  جي مهانگي ترين شھر لاس اينجلس جي هڪ شھري جا جيڪو گذريل چئن ڏينهن کان باھ جي شعلن ۾ جلي رهيو آھي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهجي ماءُ جي وفات کانپوءِ مون سندس ڪجهه يادون ان گهر ۾ سنڀالي رکيون هيون، منهجي شادي جي ڪپڙن کان وٺي ڦوٽن جي البم تائين گهر ۾ جيڪو ڪجهه هو سڙي ڀَسمُ ٿي ويو، جسم کي ڍڪڻ لاءِ بس هڪ جوڙو بچيو آھي جيڪو پائي گهمي رهيو آھيان اهي لفظ هئا گذريل ٻارنهن سالن کان لاس اينجلس ۾ رهائش پذير پائول بئرن جا جيڪو پنهنجي وني سان گڏ جان بچائي شھر ڇڏي ويو هو ۽ ٻيهر جڏھن هو پنهنجو سڙيل گهر ڏسڻ لاس اينجلس جي دونهاٽيل گهٽين ۾ پهتو ھئو ته هرطرف کيس تباهي جا منظر ڏسڻ ۾ آيا سندس گهر ۽ ڪاروبار مٽي جي ڍير ۾ تبديل چڪا هئا.

هن ٻڌايو ته هي تباهي جو منظر ڪنهن هالي ووڊ جي فلم جي سين جهڙو هو، هر طرف باھ جا شعلا ڀڙڪي رهيا ھئا، ماڻھو پنهنجن ٻارن ۽ پالتو جانورن سان گڏ روڊن رستن تي حيراني ۽ پريشاني جي حالت ۾ بيٺا هئا پوليس ۽ فائربرگيڊ جون گاڏيون سائرن وڄائي رهيون هيون ۽ فضا ۾ هيلي ڪاپٽر اڏامي رهيا هئا، اسان کي علائقو خالي ڪرڻ جو چيو ويو اسان گاڏين ۾ نڪتا سين پر روڊن تي رش وڌڻ سبب رستا بلاڪ ٿي ويا ۽ اسان پنڌ وڃڻ جو فيصلو ڪيو هن پاڻ کي ۽ سندس زال کي خوش قسمت قرار ڏيندي چيو  ته هو زنده بچي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن.

لاس اينجلس جي جنگلن ۾ لڳندڙ باھ ۾ يارنهن ماڻھن جي مرڻ جي تصديق ڪئي ويئي آھي  شھر ۾ گهرن، عبادتگاهن کان وٺي هرقسم جون ڏھ هزار کان مٿي عمارتون سڙي خاڪ ٿي ويون آھن فائر فائٽرس باھ کي ڦهلڻ کان روڪڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آھن ۽ پوليس تحيقيقات ڪري رهي آھي ته باھ ڪٿي هٿ سان ته نه ڏني ويئي آھي، باھ لڳڻ کانپوءِ ڪائونٽي جي هڪ لک اسي هزار شھرين کي شھر ڇڏڻ جا حڪم ناما جاري ڪيا ويا آھن، فائرفائٽرس جي ڪوشش باوجود اڃا تائين سڀ کان وڏي باھ تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آھي موسمي حالات ۽ موسمي تبديلين جي اثرن سبب خيال ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ ڏينهن ۾ اڃا وڌيڪ اها باھ ڀڙڪي سگهي ٿي، پوليس باھ لڳائڻ جي شڪ ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو آھي، جڏھن ته خالي ڪرايل گهرن مان لٽ مار جي الزام ۾ 20 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آھي.

انشورنس ڪمپنين خدشو ظاهر ڪيو آھي ته آمريڪي تاريخ جي هي باھ مهانگي ترين باھ ثابت ٿيندي جنهن ۾  بيما شده نقصانن جو انديشو اٺ بلين ڊالرز کان وڌيڪ ٿيڻ جي توقع ظاهر ڪئي پئي وڃي ڇاڪاڻ ته هن شھر ۾ آمريڪا جا مهانگاترين گهر ٺهيل هئا 2018  ۾ ڏکڻ ڪيلفورنيا جي پيراڊائيز واري ڳوٺاڻي علائقي ۾ لڳل باھ هن وقت تائين مهانگي باھ ثابت ٿي هئي جنهن ۾ انشورنس ڪمپنين کي 12.5 بلين ڊالرز جو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي ويو هو، "ڪئمپ فائر” جي نالي سان مشھور ان باھ ۾ 85 ماڻھو مري ويا هئا ۽ پنجاھ هزار کان وڌيڪ بي گهر ٿيا هئا.

باھ کان متاثر ٿيل علائقي جي تباهڪارين تي تبصرو ڪندي لاس اينجلس ڪائونٽي جي شيرف رابرٽ لونا چيو آھي ته ائين ٿو لڳي ته ڄڻ شھر جي مٿان ڪنهن ائٽم بم ڪيرايو هجي هن وقت لاس اينجلس ۾ اهڙا منظر نظر اچي رهيا آھن، هن وقت جڏھن لاس اينجلس جهڙو خوبصورت شھر جيڪو هالي ووڊ جي ڪري به دنيا ۾ مشھور آھي باھ جي شعلن ۾ جلي رهيو آھي

گرمين ۾ اڪثر جڏھن درجه حرارت وڌي ويندو آھي ۽ سوکڙي جهڙيون حالتون پيدا ٿي وينديون آھن ته هڪ ننڍڙي چڻنگ باھ لڳڻ جو سبب بڻجي سگهجي ٿي ۽ ٻيلا ٻاري سگهي ٿي، ڪڏھن ڪڏھن قدرتي طور سج جي تپش يا آسمان مان برسات دوران کنوڻ ڪرڻ جي ڪري به باھ لڳي ويندي آھي جڏھن ته جهنگن ۾ لڳندڙ باھ جو اهم ڪارڻ اڪثر انسانن پاران سندس بي احتياطي به آھي جڏھن ته ڪڏھن ڄاڻي واڻي به باھ لڳائي ويندي آھي.جڏھن جنگلن ۾ هڪ دفعو باھ ڀڙڪي اٿندي آھي ته تيز هوائن، طوفان ۽ سڪل وڻن جي شڪل ۾ باھ کي ٻارڻ ملي ويندو آھي ۽ باھ وسيع رقبي ۾ تيزي سان ڦهلجي ويندي آھي  سو لاس اينجلس جي جنگلن ۾ لڳل باھ جا ڪارڻ ته اتان جي سرڪار ڳولهيندي پر موسمياتي ماهرن چواڻي ته تيز هوائن سبب باھ اڃا وڌيڪ ڀڙڪي رهي آھي ۽ ويجهن ڏينهن ۾ بارش جو به ڪو امڪان ناهي انڪري وڌيڪ علائقن ۾ باھ پکڙجي سگهي ٿي ڏکڻ ڪيلفورنيا ۾ باھ جي موسم عام طور مئي کان آڪٽوبر تائين شمار ڪئي ويندي آھي پر موسمياتي تبديلين سبب هي سال ڪليفورنيا ۾ انتهائي گرم سال طور ڏٺو ويو ۽ هن سال کي ڪيليفورنيا جي گورنر گيون نيوزوم باھ جو سال قرار ڏئي ڇڏيو آھي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *