باڊهه ۾ شاعر شيرل بيوس باڊاهي جي ياد ۾ ڪتابي ميلو شروع

باڊھه ( ن پ ا ) باڊھه ۾ نامياري شاعر شيرل بيوس باڊاهي جي ياد ۾ ٽن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو لڳايو ويو، جنهن ۾ تاريخ، سياست، شاعري، ناول نگاري، اسلامي تاريخ ۽ ٻارڙن جي ڪهاڻين جا مجموعا رکيا ويا ، ڪتابي ميلي ۾ شهر جي شاگردن، استادن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي شھرين اثر امام، هاشم چانڊيو، امتياز ڪانڌڙو، سليم نوناري، زاهد منگي، اڪبر آزاد هيسباڻي ۽ ٻين چيو ته ڪتاب انسان جو سٺو دوست ٿي سگهي ٿو، ڪتابن جي پڙهڻ سان معلومات ۾ اضافو ٿئي ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *