اسلام آباد (بيورو): اليڪشن ڪميشن پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته بايوميٽرڪ مشينون تڪ ۾ پهچايون ويون آهن، 100 بايوميٽرڪ مشينون 39 پولنگ اسٽيشنز تي استعمال ڪيون وينديون، اليڪشن ڪميشن موجب بايوميٽرڪ مشينن جو استعمال پهريون ڀيرو ڪيو پيو وڃي، بايوميٽرڪ مشينن جو استعمال تجرباتي بنيادن تي ڪيو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 120 ۾ بايوميٽرڪ مشينن سان ووٽر جي تصديق جي عمل جو تجربو ڪيو ويندو، بايوميٽرڪ مشينن جو استعمال سمورن اميدوارن جي رضابندي بعد ڪيو پيو وڃي.