باني پاڪستان محمد علي جناح جي سالگره جي تقريب جو سرڪاري سطح تي پروگرام ڪرايا وڃن:عباس زيدي

خيرپور(ڊر) قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن تي يونين آف جنرلسٽ طرفان رمضان شاه ٽريڊ سينٽر سالگره جي سلسلي ۾ پروقار تقريب ٿي،جنهن ۾ انمجن تاجران لقمان جي سرپرسر اعليٰ ۽ انساني حقن جي تنظيم جي صوبائي اڳواڻ ڊاڪٽر پياروخان ڦلپوٽو خان مهمان هيو ، ان موقعي تي باني پاڪستان قائد محمد علي جناح جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تقريب ۾ يونين آف جنرلسٽ خيرپور ضلعي جي صدر عباس زيدي، صوفي اسحاق سومرو صدورو لاشاري، شاهنواز عباسي، شجاعت احمد صديقي، محمد بخش جويو، شاهدنواز سيال، علي خان رند،گل محمد سهاڳ، عبدالجبار ڦلپوٽو سميت ٻين سياسي سماجي اڳواڻن صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي يونين آف جنرلسٽ خيرپور ضلعي جي صدر اڪبر عباس زيدي آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو،جڏهن ته خاص مهمان ڊاڪٽر پياروخان ڦلپوٽو صدارتي خطاب ڪندي چيو ته جنهن هي ملڪ ٺاهيو افسوس ته ان شخصيت جو سرڪاري سطح تي پروگرام نه ٿو ڪرايو وڃي، جنهن ڪري مان مطالبو ٿو ڪريان ته باني پاڪستان محمد علي جناح جي سالگره جي تقريب جو سرڪاري سطح تي پروگرام ڪرايا وڃن، هن چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح جو احسان آهي،جنهن هي ملڪ پاڪستان ٺاهي ڏنو ۽ هتي جا مسلمان آزادي سان زندگي گذاري رهيا آهن .ڊاڪٽر پيارو خان ڦلپوٽو چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان نه پر دنيا جو عظيم کيڊر هيو،جنهن برضغير ۾ وڏي جدوجهد ڪري آنگريزن کان پاڪستان کي آزاد ڪرايو مان هي پروگرام ڪندڙن يونين آف جنرلسٽ جي اڳواڻن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو اميد ته ٻيهر ۾ اهڙا پروگرام ڪرائيندا رهندا، تقريب کي صوفي اسحاق سومرو، شجاعت صديقي، گل محمد سهاڳ ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته آخر ۾ پاڪ فوج ۽ ملڪ جي خوشحالي سلامتي لاءِ شجاعت احمد صديقي دعا گهرائي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *