بالي ووڊ ۾ پئسا ڏيو ۽ ايوارڊ وٺو، اڪشي ڪمار جو انڪشاف
February 2, 2017 at 12:50 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ممبئي (اين اين آءِ) بالي ووڊ جي اداڪار اڪشي ڪمار انڪشاف ڪيو آهي ته پئسن جي عيوض ان کي ڪيترائي ڀيرا ايوارڊن جي آفر ڪئي ويئي هئي پر منهنجو جواب هميشه اهو هوندو آهي ته منهنجي لاءِ مداحن جي حوصله افزائي سڀ کان وڏو ايوارڊ آهي ڀارت جي مشهور شو آپ کي عدالت ۾ رجت شرما کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته ڀارتي ايوارڊ شو جو راز کوليندي انڪشاف ڪيا هن چيو ته مون کي ڪيترائي ڀيرا پئسا جي عيوض ايوارڊ وٺڻ جي آفر ٿي جڏهن ته هر ايوارڊ شو کان هڪ رات اڳ مون کي اهو پيغام موڪليو ويندو هو ته توهان ايوارڊ شو ۾ پرفام ڪيو جنهن جي عيوض توهان کي اڌ فيس ڏني ويندي ۽ ايوارڊ سان به نوازيو ويندو پر مان انهن کي اهو جواب ڏيندو آهيان ته منهنجي لاءِ مداحن جي حوصلا افزائي سڀ کان وڌو ايوارڊ آهي حالانڪه تقريب ۾ پرفارم ڪرڻ جي پوري فيس وٺندس ۽ اوهان پنهنجو ايوارڊ پاڻ وٽ رکو. واضح رهي ته فلم دنگل ۾ بهترين اداڪاري لاءِ نامزد ٿيڻ کان پوءِ عامر خان هڪ انٽرويو ۾ ڀارت جي سڀ کان وڏي ايوارڊ شو فلم فيئر ۾ وڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ڪمرشل فلم ايوارڊن جي مون وٽ ڪابه اهميت نه آهي.