باقر رضا کي مقرر ڪري حڪومت معيشت تي آءِ ايم ايف کي ويهاري ڇڏيو آهي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ جي ترجمان ڊاڪٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته ڊاڪٽر باقر رضا کي مقرر ڪري حڪومت معيشت تي سڌي طرح آءِ ايم ايف کي ويهاري ڇڏيو آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ جي گورنري جي مقرري جي معاملي ۾ حڪومت غير ذميواراڻو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته قرض کان آپگهات کي اوليت ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙ ملڪ آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي، هن چيو ته ڇا پاڪستان ۾ معاشي ماهر گهٽ هئا جو اسٽيٽ بينڪ جو گورنر به آءِ ايم ايف کان ورتو ويو آهي، هن چيو ته قرض لاءِ آءِ ايم ايف سان پاڪستان حڪومت پاران به آءِ ايم ايف ڳالهيون ڪندو، عمران خان حڪومت معاشي ميدان ۾ 8 مهينن ۾ناڪام ٿي وئي آهي، حڪومت جي معاشي ٽيم ناهي، عمران خان پاڻ ناڪام ٿي چڪو آهي، هن چيو ته ناڻي وزير کانپوءِ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ ايف بي آر جي چيئرمين کي تبديل ڪرڻ پاليسي جي ناڪامي جو اعتراف آهي، هن چيو ته عمران خان پنهنجي ناڪامي کانپوءِ معيشت آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته مسئلو معاشي ٽيم نه پر عمران خان جون غير حقيقي پاليسيون آهن، عمران خان جي هوندي معيشت ٺيڪ نه ٿي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *