باغين بشارالاسد حڪومت جي سڪيورٽي فورسز کي ختم ڪري جيل بند ڪرڻ جو اعلان
December 12, 2024 at 10:29 pmباغين بشارالاسد حڪومت جي سڪيورٽي فورسز کي ختم ڪري جيل بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته اسرائيل طرفان حملا ڪري شامي فوجي هدف کي نشانو بڻايو ويو.
شام جي باغي اڳواڻ ابو محمد الجولاني جو چوڻ آهي ته هو بشار الاسد جي حڪومت جي سڪيورٽي فورسز کي ختم ڪري جيلن کي بند ڪندا.
هڪ بيان ۾ چيو ويو ته هو ٽيڪنوڪريٽس حڪومت ٺاهيندا، سندن گروپ جي موجوده عبوري حڪومت مارچ 2025 تائين ڪم ڪندي.
ابو محمد الجولاني چيو ته هو ڪيميائي هٿيارن جي امڪاني ڊپو کي محفوظ بڻائڻ لاءِ عالمي تنظيمن سان رابطي ۾ آهن.
باغي گروپ انهن ڪيمائي هٿيارن کي ڪنهن به صورت ۾ استعمال نه ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.
ٻي پاسي پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب اسرائيلي جنگي جهازن شام ۾ فضائي ڪارروائي تيز ڪندي گذريل 48 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽجڪ فوجي هدفن تي 480 حملا ڪيا.
ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اسرائيل قبضي هيٺ گولان جي جبلن جي اوڀر ۾ هڪ بفرزون ۾ فوج موڪلي ڇڏي آهي، جنهن 70 کان 80 سيڪڙو شام جي اسٽريٽجڪ فوجي ٿاڪن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
ان کانسواءِ اسرائيل البيصا ۽ االطاڪيا بندرگاهه تي 15 سامونڊي جهازن کي نشانو پڻ بڻايو آهي، جڏهن ته راڄڌاني واري شهر دمشق ۽ ٻين اهم شهرن ۾ هٿيارن جي تياري واري ٿاڪن تي به حملا ڪيا ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ ۾ چيو ويو ته اسرائيلي اخبار موجب نيتن ياهو غزه کان اتر شام تائين گريٽر اسرائيل منصوبي تي هلي رهيو آهي.
هوڏانهن روس اسرائيلي حملن کي شام- اسرائيل امن معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي………….