بابر بٽ جي قتل تي هر ڪارڪن غمگين آهي، پوليس جوابدارن کي تحفظ پئي ڏئي: اعتزاز احسن

لاهور (م ڊ) پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ ۽ سينيٽر اعتزاز احسن پ پ جي مقتول اڳواڻ بابر بٽ جي گھر پهچي ويو، بيريسٽر اعتزاز احسن بابر بٽ جي گھرن وارن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽيءَ جو هر ڪارڪن بابر بٽ جي قتل تي غم ۾ ورتل آهي، سندس قتل تي سڄو علائقو سوڳوار آهي، سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته بابر بٽ جو قتل ناقابل ڀرڻ جوڳو نقصان آهي، پوليس پنهنجي ڪارروائي صحيح نموني نه پئي ڪري، پوليس ڏوهارين کي تحفظ ڏئي رهي آهي، پنجاب غير علائقو بڻجي ويو آهي، شوڪت بسرا تي حملي جي جاچ به درست نه پئي ٿئي، پاناما ڪيس ۾ رڳو 2 خط پيش ڪيا ويا آهن ،پاناما ڪيس ۾ وزير اعظم نواز شريف کي ڪلين چٽ نه ملي سگهندي، ڇو جو ان وٽ پاڻ کي بي گناهه ثابت ڪرڻ جا ڪي به ثبوت ناهن، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاناما ڪيس ۾ قطري خط تي نواز شريف جو موقف نه ٿو مڃي سگهجي، ڇو جو قطري خط ڪنهن افساني وانگر آهي، هن چيو ته وزير اعظم عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته ان جي والد ۲۵ سال قطر ۾ ڪاروبار ڪيو هو، جنهن مان ان کي اربين روپين جي بچت ٿي هئي، ان رقم مان ئي لنڊن واري ملڪيت خريد ڪئي وئي هئي، پر ان جو ڪو به رڪارڊ موجود ناهي جنهن مان اها ڳالهه صحيح ثابت ٿئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *