اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال جو ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ رد ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب پرڏيهي وزارت جي سفارش تي اڳوڻي گهرو وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جو سفارتي پاسپورٽ رد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي اميگريشن جو چوڻ آهي ته احسن اقبال جو سفارتي پاسپورٽ مدو ختم ٿيڻ بعد رد ڪيو ويو آهي جڏهن ته احسن اقبال ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته اِها معمول جي ڪارروائي آهي سرڪاري عهدو ختم ٿيڻ بعد ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ رد ڪيو ويندو آهي. ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ جي رد ٿيڻ بعد اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال سفارتي ڇوٽ يا گرين چينل استعمال نه ڪري سگهندو، پاسپورٽ سيل اسلام آباد جو چوڻ آهي ته احسن اقبال کي جلد پاڪستاني پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو جنهن تي هو معمول موجب سفر ڪندو.