لاهور ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف بيمار لڳي رهيو هو، کيس صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته بيمار قيدي کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي قيد ۾ رکي ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميثاق جمهوريت تي عمل نه ڪرڻ اسان جي ناڪامي آهي، ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف پاڻ چيو ته هو نظرياتي بڻجي ويو آهي، پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکندو، هو پنهنجي اصولن تي قائم آهي، ڪنهن به قسم جي ڊيل جو تاثر نه ٿو ملي. هن چيو ته دل جي مريض کي دٻاءَ ۾ رکڻ مٿس تشدد ڪرڻ برابر آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي حڪومت سان ڊيل جون ڳالهيون پکيڙيون پيون وڃن جنهن ۾ ڪابه سچائي ناهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف سان ملاقات ۾ ميثاق جمهوريت تي ڳالهيون ڪيون ويون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنگ جي ماحول ۾ ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪري غير سياسي فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته منهنجو والد 11 سال جيل ۾ رهيو پر ڪو به الزام ثابت نه ٿيو. سندس چوڻ هو ته نظام جي خامين کي ڪمزور ڪرڻ جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم عمران خان ٿر ۾ خطاب ڪري ملڪ ۾ اتفاق راءِ جي ماحول کي نقصان پهچايو ويو آهي. هن چيو ته اسد عمر پڙهيل لکيل جاهل ماڻهو آهي، مان ڪڏهن به پنهنجي نالي ۾ زرداري استعمال ڪرڻ کان نه روڪيو آهي، عمران خان ته نيازي استعمال نه ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي تقرير بعد وزيراعظم عمران خان ۽ اسد عمر جي جواب تي هر پاسي تنقيد ٿي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان پارليامينٽ ۾ حڪومت تي جمهوري تنقيد ڪئي. هن چيو ته شهباز شريف سان سندس رابطو رهندو آهي، مريم نواز سان به ملاقات ڪري سگهان ٿو. سندس چوڻ هو ته مريم نواز خاموش نه آهي هوءَ بيان ڏيندي رهندي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجو نانو ۽ والد ڪوٽ لکپت جيل ۾ رهي چڪا آهن، مان نه ٿو چاهيان ته سڀاڻي وزيراعظم به جيل ۾ هجي ۽ سندس ٻار انصاف لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄن. هن چيو ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن هڪ ٻئي کان غلطين جي معافي وٺي چڪا آهن، اميد آهي ته نواز شريف پنهنجي نظرياتي سياست جاري رکندو.